سنڌ جي شعور جي فتح، ٻيٽن تي نوان شھر نه ٺهندا

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌ سماءُ چار) وفاقي سنڌ جي عوام، سياسي سماجي تنظيمن جي احتجاج رنگ لاتو، وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ واري فيصلي تان هٿ کڻي وئي آهي. رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پاليسي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته، آئين مطابق نوان شھر اڏڻ صوبن جو اختيار آهي. سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ جو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وفاقي حڪومت ڪيو هو. اسد عمر چيو ته سنڌ جي عوام، سياسي سماجي تنظيمن ۽سنڌ حڪومت ڏنگي ۽ڀنڊار ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ جي مخالفت ڪئي هئي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته اهڙي صورتحال کانپوءِ وفاقي حڪومت ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *