Monday , March 31 2025
Breaking News

سنڌ جي شعور جي فتح، ٻيٽن تي نوان شھر نه ٺهندا

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌ سماءُ چار) وفاقي سنڌ جي عوام، سياسي سماجي تنظيمن جي احتجاج رنگ لاتو، وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ واري فيصلي تان هٿ کڻي وئي آهي. رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پاليسي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته، آئين مطابق نوان شھر اڏڻ صوبن جو اختيار آهي. سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ جو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وفاقي حڪومت ڪيو هو. اسد عمر چيو ته سنڌ جي عوام، سياسي سماجي تنظيمن ۽سنڌ حڪومت ڏنگي ۽ڀنڊار ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ جي مخالفت ڪئي هئي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته اهڙي صورتحال کانپوءِ وفاقي حڪومت ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *