سنڌ جي وحدت، قومي وجود سميت مڙني مسئلن جو حل سن جي سيد جي نظريي کان ٻاهر ناهي-اصغر آزاد
اِهو اوهان جو آئين، اهي عدالتون جن تي اوهان ڪڏو ٿا ۽ سنڌ کي حق وٺرائي ڏيندئو، ڀلي ڪيو شوق پورو، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ جي وحدت، قومي وجود، وسيلن، حق حڪمراني ۽ حقن جو تحفظ صرف ۽ صرف سن واري سيد جي نظريي کان تِر جيترو به ٻاهر ناهي، جيڪلڏهن ڪا مضبوط تنظيم ۽ صالح قيادت ناهي ته ان ۾ سيد جي نظريي جو ڪو به قصور ناهي، پر تاريخ اوهان کان جواب ضرور گهري ٿي ته اوهان انهي آئين، پارليامينٽ وغيره وغيره جي نالي تي سنڌ جي ماڻهن کي گمراهه ڇو ڪيو.
1973 جي آئين جي ڇانو ۾ آسيس وٺڻ جا گهرجائو، دبنگ ارڙهين ترميم جا ديوانئو، پارليامينٽ ذريعي سنڌ کي حق ڏيارڻ وارا دانائو، پيپلزپارٽي نه هوندي ته سنڌين ڦلاڻا ڦلاڻا ڳڙڪائي ويندا جو چلو ڪڍندڙئو….
ٻڌو….


سنڌ هاءِ ڪورٽ سال 2017 ۾ انڊس رور سسٽم اٿارٽيءَ ۾ سنڌ مان وفاق جو نمائندو مقرر نه ڪرڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي کي رد ڪندي فيصلو ڏنو هو، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته ارسا ۾ وفاق جو سنڌ مان مقرر نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ آگسٽ 2017 ۾ حڪم ڏنو هو ته وارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مان مقرر ڪيو وڃي.
ٻڌو….
وفاقي حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي ايتري به اهميت نه ڏني جيتري ڪنهن پٽيوالي جي بدلي تي لاڳاپيل آفيسر فوري طور عمل ڪري ان کي رليو ڪندو آهي ۽ نئين مقرري واري آفيس جو آفيسر ان کي جوائننگ ڏيندو آهي.
وفاقي حڪومت سنڌهاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي جيڪا سيپريم ڪورٽ رد ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو بحال ڪندي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پر فيل مست وفاق سپريم ڪورٽ واري فيصلي جي باوجود سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ان حڪم تي عمل نه ٿيڻ، سپريم ڪورٽ پاران وفاق جي اپيل رد ٿيڻ کانپوءِ وري هڪ ٻي درخواست 2022 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي وئي، جيڪا هئي ڪنٽيمپٽ آف ڪورٽ يا توهين عدالت جي درخواست. لڳ ڀڳ چئن سالن دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي واٽر ريسورسز واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري سيد علي مرتضيٰ شاهه ۽ اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري انعام الله خان ڌاريجو ( هاڻي اڳوڻو ڇوت ڪجهه ڏينهن اڳ سندس بدلي ٿي وئي آهي ۽ ايوان صدر ۾ مقرر ٿيو آهي) نوٽيسز جاري ڪري جواب طلب ڪيا پر هر ڀيري ڪي نه ڪي بهانا ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڪو به تسلي بخش جواب نه ڏنو. گذريل ڪجهه ٻڌڻين تي هي ڪامورا عدالت ۾ پيش نه ٿيا نيٺ انهن کي توهين عدالت جا نوٽيس به جاري ٿيا آن، پر عدالت ڪجهه سببن جيڪري توهين عدالت واري نوٽيس جي ڪارروائي ايندڙ ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين روڪي يا معطل ڪئي وئي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي گذريل ٻڌڻي تي جاري ڪيل حڪم ذريعي عدالتي حڪمن جي ابتڙ ارسا جي وفاق ۾ مقرر ڪيل ميمبر جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهو ميمبر ايندڙ حڪم يا ٻڌڻي تائين ڪم ڪار نه ڪري سگهندو، جيڪڏهن هن ائين ڪيو ته سندس اهڙُ عمل توهين عدالت جي دائري ۾ ايندو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۽ رمارڪس ۾ چيو آهي ته، عدالت ارسا ۾ وفاق جي ميمبر جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ٿي، عدالت اميد ڪري ٿي ته ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ2017جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪيو ويندو، جيڪڏهن ارسا جو وفاقي ميمبر مقرري وارو نوٽيفڪيشن معطل ٿيڻ باوجود ڪم جاري رکيو ته هُو ائين ڪري توهين عدالت ڪندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري واٽر ريسورسز ۽ سيڪريٽري اسٽبلشمينٽ ڊويزن کي شوڪاز نوٽيسز به جاري ڪري ڇڏيا آهن.
عدالت جو چوڻ آهي ته 18 آگسٽ جي فيصلي ۾ عدالت ڌٺو ته8 سال گذرڻ باوجود عدالتي فيصلي تي عمل ناهي ٿيو، سپريم ڪورٽ به چار سال اڳ وفاقي حڪومت جي اپيل رد ڪندي 4سال اڳ سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو هو. گذريل ٻڌڻي تي سيڪريٽري اسٽبلشمينٽ ڊويزن انعام الله ڌاريجو غير حاضر هو، گذريل ٻڌڻي تي سيڪريٽري وارٽر ريسورسز سيد علي مرتضيٰ به پيش نه ٿيو هو، عدالت ٻنهي آفيسرن کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي عملدارآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ارسا ۾ وفاق جي موجوده ميمبر اسجد امتياز کي به نوٽيس جاري ڪري پيش ٿيڻ جو چيو هو، وفاقي حڪومت جي اپيل رد ٿيڻ باوجود 2022 ۾ ارسا جو ميمبر ٻيهر مقرر ڪرڻ حيران ڪندڙ آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ۾ اهو به چيو آهي ته، لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت عدالتي حڪمن تي عملدرآمد جي پابند هجڻ باوجود دلچسپي نه ٿي رکي.
سو منهنجا سائين جن کي چوان ته؛ اِهو اوهان جو آئين، اهي عدالتون جن تي اوهان ڪڏو ٿا ۽ سنڌ کي حق وٺرائي ڏيندئو، ڀلي ڪيو شوق پورو، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ جي وحدق، قومي وجود، وسيلن، حق حڪمراني ۽ حقن جو تحفظ صرف ۽ صرف سن واري سيد جي نظريي کان تِر جيترو به ٻاهر ناهي، جيڪلڏهن ڪا مضبوط تنظيم ۽ صالح قيادت ناهي ته ان ۾ سيد جي نظريي جو ڪو به قصور ناهي، پر تاريخ اوهان کان جواب ضرور گهري ٿي ته اوهان انهي آئين، پارليامينٽ وغيره وغيره جي نالي تي سنڌ جي ماڻهن کي گمراهه ڇو ڪيو.
سنڌسماءَچار
