Friday , January 24 2025

سنڌ جي ٽِن يونيورسٽيز جا وي سيز جنسي طور هيسائيندڙ آهن: وڏو وزير مراد علي شاهه

اسان کي شيخ اياز جهڙن وائيس چانسلرز جي ضرورت آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي معاملن ۾ مداخلت ڪري ٿي اها بند ڪئي وڃي

ڪراچي (رپورٽ آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو هائير ايجوڪيشن ڪميشن تي سنڌ جي يونيورسٽيز جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته، ايڇ اي سي سنڌ جي معاملن ۾ مداخلت بند ڪري، چيئرمين هيڪ جي خط جو جلد لکت ۾ جواب ڏيندس. ايڪسپو سينٽر ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته، سنڌ ۾ يونيورسٽيز جِي تباهي جي ذميوار هائير ايجوڪيشن ڪميشن آهي، چيئرمين جي خط جو لکت ۾ جواب ڏيندس، اسان کي سنڌ جي يونيورسٽيز لاءِ شيخ اياز جهڙن وائس چانسلرز جي ضرورت آهي، اسان ڪجهه سال اڳ يونيورسٽيز جي ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي هئي، اڄ ڪالهه سرڪاري يونيورسٽيز وارو ايڪٽ وڏو اشو بڻيل آهي، حڪومت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي ۽ جيڪو جاري رهندو، آٽو ميشن جي ڪري ڪيتريون ئي نوڪريون ختم ٿي چڪيون آهن.

هن چيو ته سرچ ڪميٽي پاران پي ايڇ ڊي هولڊر، ڊگريون ۽ گهربل شايع ٿيل تحقيقي مقالا رکندڙ ٽن وائيس چانسلرن کي مقرر ڪيو ويو پر اهي جنسي هراساني جي ڪيسن ۾ ملوث مليا، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هن ڪوشش ڪئي ته جنسي طور هيسائڻ جي الزامن هيٺ آيل وي سي کي عهدي تان هٽائي پر ڪوششن جي باوجود ان کي هٽائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، جنهن تي کيس تمام گهڻي مايوس ٿي. هن چيو ته هڪ ٻئي وائيس چانسلر جنهن فرانسيسي ٽيم لاءِ يونيورسٽي جي سفري خرچن جي مد ۾ يونيورسٽي جي اڪائونٽ مان فنڊ ڪڍيا جيتوڻيڪ ٽيم اڳ ۾ ئي پنهنجا ذاتي خرچ ڪري چڪي هئي. وڏي وزير احتجاجن کي منهن ڏيندڙ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي خبردار ڪيو ته اهي احتجاج ختم ڪرائين ٻي صورت ۾ انهن جو احتساب ڪيو ويندو. وائيس چانسلرن جي مقرري هڪ سرچ ڪميٽي ڪندي آهي، ان عهدي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ قابليت پي ايڇ ڊي آهي. سرڪاري يونيورسٽين ۾ خراب انتظامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جيڪي تباهي جي ڪناري آهن، ڪابينا انتظامي تجربي جي ضرورت کي شامل ڪرڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بل اسيمبلي ڏانهن موڪليو آهي.

 

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

About admin

Check Also

اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا

خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *