سنڌ حڪومت ترڪيه جي سهڪار سان ڪراچي ۾ تعليمي ڪئمپس قائم ڪيو ويندو

ڪراچي( چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ۽ ترڪيه حڪومت جي گڏيل سهڪار سان ڪراچيءَ ۾ تعليمي ڪئمپس قائم ڪيو ويندو، سنڌ جي شاگردن لاءِ ترڪيه ۾ اسڪالرشپس لاءِ ڪاليجن ۾ فوڪل پرسن به مقرر ڪرڻ جو فيصلو. تعليم کاتي جي وزير سيد سردار شاهه سان ترڪيه جي قونصل جنرل جمال سانگو جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ معارف فائونڊيشن تحت ڪراچي ۾ تعليمي ڪئمپس قائم ڪرڻ، سنڌ جي شاگردن لاءِ ترڪيه ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ سميت تعليم سان لڳاپيل معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ سنڌ جي شاگردن لاءِ ترڪيه ۾ اسڪالرشپس جو تعداد وڌائڻ، نان فارمل ايجوڪيشن سينٽرز ۽ تعليم جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار تي به غور ڪيو ويو. ترڪيه جي معارف فائونڊيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر هارون ڪچڪ الاداغلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته معارف انٽر نيشنل فائونڊيشن اسڪولز اينڊ ڪاليجز ذريعي تعليم جي واڌاري ۽ تعليم جي شغبي ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ دنيا جي 53 ملڪن ۾ 468 اسڪولن جو نيٽ ورڪ هلائي رهي آهي، جنهن پاڪستان ۾ 2018 ۾ اسڪول قائم ڪيا. اهي اسڪول حيدر آباد، ڪراچي، اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، ڪوئيٽا، خيرپور، ڄامشورو ۽ پشاور۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هاڻي معارف فائونڊيشن ڪراچي ۾ تعليمي ڪئمپس قائم ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ پرائمري کان انٽر ميڊئيٽ تائم تعليم جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون.

About admin

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *