سنڌ حڪومت جا حڪم پاڻيءَ ڦوٽا! سنڌ جون اڪثر شگر ملز اڃا چالو ناهن ڪيون ويون

سنڌ ۾ پهرين آڪٽوبر کان ڪمند جي سيزن شروع ٿيڻ باوجود اڌ کان وڌيڪ شگر ملز ته اڃان چمنيون ئي ناهن ٻاريون. جڏهن ته  گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي رڳو 6 شگرملز پيڙائي شروع ڪئي آهي. آبادگارن جي احتجاجن باوجود هن وقت تائين رڳو گهوٽڪي جي 5 ۽ لاڙڪاڻي جي هڪ شگر ملز پيڙائي شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ الائنس شگر ملز، غلام محمد مهر شگر ملز، گلف شگر ملز، جي ڊبليو ٿري، جي ڊبليو فور ۽ رتو ديرو شگر ملز شامل آهن.

ميرپورخاص ضلعي جي 4 ئي شگر ملز هفتي کان چمنيون ٻارڻ باوجود ايڊنٽ جاري نه ڪياآهن. نوابشاهه ضلعي جي 4 شگر ملز چمنيون ته ٻاري ڇڏيون، پر ڪمند جي پيڙائي لاءِ ڪا به تياري نه ڪئي آهي. ٽنڊي محمد خان جون چار ۽ سجاول جون 3 شگر ملز اڃان تائين بند پيل آهن. بدين ضلعي جي 5 مان 4 شگر ملز بوائلرز کي باهه ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان سان گڏ ڪمند جي خريداري لاءِ ايڊنٽ پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن. سجاول جي 3 ٺٽي جي هڪ، خيرپور جي 2 ، دادو جي هڪ به شگر ملز پيڙائي شروع نه ڪئي آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *