Sunday , February 23 2025

سنڌ حڪومت جناح، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين سي ايڇ وفاق حوالي ٿيڻ تي اعتراض واري ڇڏيا

ڪراچي ( چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت سنڌ جون 3 وڏيون اسپتالون جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ وفاقي حڪومت پاران واپس وٺڻ تي اعتراض واريندي انهن اسپتالن تي سنڌ حڪومت جي خرچ ڪيل رقم واپس ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت اعتراض واريندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت عدالتي حڪم تي ٽنهي اسپتالن جا انتظام پنهنجي ڪنٽرول ۾ ورتا هئا، پر پوءِ اسپتالن کي هلائڻ لاءِ فنڊز نه هجڻ جو جواز ڄاڻائيندي 2019 ۾ اُهي سنڌ حڪومت کي واپس ڪيون هيون. هيل تائين سنڌ حڪومت انهن اسپتالن تي 19 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪري چڪي آهي، جيڪو جديد مشينري، عمارتن ۽ ٻين سهولتن جي صورت ۾ ڪيو ويو آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته خبر نه آهي ته وفاقي سرڪار کي آخرڪار ڪهڙي تڪڙ هئي جو آچر تي موڪل واري ڏينهن اسپتالن جو انتظام سنڌ حڪومت کان واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ان مان لڳي ٿو ته وفاقي سرڪار ڪرونا جي وبا سان نه پر سنڌ حڪومت سان وڙهي رهي آهي، هن چيو ته اسپتالون وفاق حوالي ٿيڻ لاءِ قانوني طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي، ائين نٿو ٿي سگهي ته وفاق جو ڪو ماڻهو اچي ۽ ادارن کي ڪنٽرول ڪري، حڪومتن وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ وفاق کي سُپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ ادارن جي چارج سنڀالي گهرجي.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%da%aa%d8%b1%d9%88%d9%86%d8%a7-%d8%ac%d9%8a-%d9%88%d8%a8%d8%a7-%da%86%d9%88%d9%bd-%da%86%da%99%d9%87%d9%8a%d9%84%d8%8c-%d8%a7%d9%86%da%8a%d8%b3-%d8%a7%d8%b3%d9%be%d8%aa%d8%a7%d9%84-300-%d9%85%d9%84/

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *