Sunday , April 20 2025
Breaking News

سنڌ حڪومت جي بهترين ڪارڪردگي! ڏيڍ ارب رپيا ۽ 20 ڏينهن؟

حيدر آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت جي بهترين ڪارڪردگي جو هڪ وڌيڪ مثال نيٺ سامهون اچي ويو آهي، هڪ ارب 30 ڪروڙ رپين ( 130 ڪروڙ) جي لاڳت سان قائم ڪيل ڄامشورو فلاءِ اوور 20 ڏينهن اندر تباهه ٿيڻ شروعر ٿي وئي آهي، پل ۾ ڏار ۽ روڊ ۾ کڏا پئجي وڃڻ سبب حادثا معمول بڻجي ويا آهن. سنڌسماءَچار جي رپورٽ مطابق ڄامشورو فلاءِ اوور جو 12 جنوري تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردااري افتتاح ڪيو هو. افتتاح جي لڳ ڀڳ 20 ڏينهن بعد ئي پهريا پل سان لاڳاپيل روڊ اُکڙڻ شروع ٿي ويو، جنهن بعد فلاءِ اوور ۾ به ڪجهه هنڌن تي ڏار پئجي ويا آهن. روڊ اُکڙڻ ۽ پل ۾ ڏار توڙي پل واري روڊ ۾ کڏا پوڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون ته هنن ڇا ڪيو، ڪئنال ٺهڻ ڏيو: مصدق ملڪ

اسان سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون، هنن ان تي اسان کي ڇا ڪيو جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *