
ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت جو گل پلازا سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو اعلان، گهرو کاتو چيف جسٽس کي خط لکي هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي مقر رڪرڻ جي درخواست ڪندو، عدالتي ڪميشن هلندڙ هفتي دوران قائم ٿيڻ جو امڪان. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ گل پلازا سانحي تي جوڙيل فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جِي رپورٽ پڌري ڪندي چيو آهي ته، گل پلازا سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي ويندي، ڪميشن جوڙڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي حاضر سروس جج مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، گل پلازا سانحي جي واقعي ۾ ابتدائي طور لاپرواهي جي الزام هيٺ ڊي جي ۽ ڊائريڪٽر سول ڊفينس ڪراچي ڏکڻ، چيف انجينئر واٽر بورڊ بلڪ، انچارج هائيڊرينٽس ۽ ڊائريڪٽر ڪي ايم سي کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته فائر سيفٽي جا انتظام نه ڪرڻ تي گل پلازا انتظاميه خلاف به جاچ ٿيندي، گل پلازا جي ليز ۽ غيرقانوني واڌ واري معاملي جي جاچ اينٽي ڪرپشن حوالي ڪئي وئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سانحي ۾ جيڪو به ذميوار نڪتو، ان خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، عدالتي ڪميشن جو فيصلو ڪنهن سياسي جماعت جي دٻاءُ ۾ ناهي ڪيو، ڪجهه پارٽيز جو ڪم ئي سانحن تي سياست ڪرڻ آهي، سنڌ حڪومت مستقبل ۾ سانحن کان بچڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌي چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به سياسي پارٽي جي دٻاءَ ۾ نه ايندي ۽ نه سانهي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪنهن جي دٻاءَ ۾ ڪيو آهي، اسان ڪنهن به سياسي پارٽي نه پر عوام آڏو جوابده آهيون، ڪجهه سياسي پارٽيون هن افسوسناڪ سانحي تي به سياست ڪري رهيون آهن. هن چيو ته باهه لڳڻ وقت گل پلازا ۾ 2 هزار کان 25 سئو ماڻهو موجود هئا، گل پلازا سانحي ۾ لڳ ڀڳ 80 ماڻهو سڙي فوت ٿيا آهن، اسان ڏکويل متاثرن سان گڏ آهيون، هن چيو ته گل پلازا ۾ باهه وسائڻ لاءِ فائرٽينڊرز کي پاڻي مهيا ڪرڻ ۾ دير ٿي.
سنڌسماءَچار