Monday , March 31 2025
Breaking News

سنڌ حڪومت ڊجيٽل آدمشماري کان بي خبر هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ ٿيندڙ ستين ۽ پهرين ڊجيٽل آدمشماري کان بي خبر هجڻ جو انڪشاف، سنڌ جي سُڌ سماءَ ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري بابت کيس ڪا به ڄاڻ ناهي ته اها ڇا آهي. شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي پاران ڊجيٽل آدمشماري ۾ بغير سڃاڻپ ڪارڊ جي ماڻهن جي ڳڻپ واري معاملي بابت سنڌ حڪومت جو موقف بابت سوال ڪيو، صحافي جي سوال جي جواب ۾ سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ۽ پيپلزپآرٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو ته، ڊجيٽل آدمشماري ۽ اوهان جي پڇيل سوال واري معاملي جي کيس ڪا به خبر ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *