Tuesday , January 7 2025

سنڌ حڪومت گرين پاڪستان پروگرام لاءِ زمينون الاٽ ڪرڻ تي عمل تيز

گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام لاءِ سنڌ ۾ زمينن جي الاٽمينٽ ڪم تيزيءَ سان جاري، سنڌ حڪومت عمرڪوٽ، دادو، خيرپور ميرس، سانگهڙ، ٺٽو ۽ ملير ۾ سرڪاري زمينن جي الاٽمينٽ واري ڪم تي تيزيءَ سان عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، هاليجي ڍنڊ، دادو جي جوهي تعلقي ۾ زمين، لاءِ بنيادي دستاويزي ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي.

جوهي تعلقي جي 10 ديهن ۾ 9 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين الاٽ يا ليز تي ڏيڻ لاءِ دستاويز تيار  ڪيا پيا وڃن، زمين جي نشاندهي لاءِ پيپلزپارٽي جي چونڊيل ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائند معرفت زمينن جي نشاندهي ڪري دستوايز تيار ڪرڻ ۾ مدد ورتي پئي وڃي. اهڙي نموني سان ڄاڻيل ٻين ضلعن ۾ به چونڊيل نمائندا، ڪامورا ۽ زميندار مڪمل طور سهڪاري بڻيل آهن.

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران شروع ڪيل گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام لاءِ سنڌ ۾ زمينن جي الاٽمينٽ ڪم تيزيءَ سان جاري، سنڌ حڪومت عمرڪوٽ، دادو، خيرپور ميرس، سانگهڙ، ٺٽو ۽ ملير ۾ سرڪاري زمينن جي الاٽمينٽ واري ڪم تي تيزيءَ سان عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، هاليجي ڍنڊ، دادو جي جوهي تعلقي ۾ زمين، لاءِ بنيادي دستاويزي ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ ۾ ڏيڍ لک ايڪڙ زمين گرين پاڪستان پروگرام ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ليز تي ڏيڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جنهن لاءِ وفاقي حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين سنڌ حڪومت کي ابتدائي طور سنڌ ۾ 52 هزار ايڪڙ زمين هنگامي بنيادن تي الاٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ٿرپرڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ميرپورخاص، خيرپور ميرس، ٺٽو ۽ ڪراچي ۾ زمينن جي نشادهي ڪري دستاويزن جي پورائي وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ملير، ٺٽي ۽ دادو ۾ زمينون ليز تي ڏيڻ لاءِ دستوايز تيار ڪرڻ جو ڪم گهڻي حد تائين مڪمل ڪيو ويو آهي.

ذريعن دعويٰ  ڪئي آهي ته خيرپور ضلعي جي ٺري ميرواهه، فيض گنج ۽ ناري تعلقي ۾ به سرڪاري زمين گرين پاڪستان پروگرام تحت مخصوص ڪمپنين يا شخصيتن جي نالي تي ليز تي ڏنيون پيون وڃن، ان سان گڏ ورهين کان غيرآباد پيل کاتن واري زمين به کاتيدارن کان خريد ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪمپنين جي حوالي ڪئي ويندي.

ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي 10 ديهن ۾ 9 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين الاٽ يا ليز تي ڏيڻ لاءِ دستاويز تيار  ڪيا پيا وڃن، زمين جي نشاندهي لاءِ پيپلزپارٽي جي چونڊيل ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائند معرفت زمينن جي نشاندهي ڪري دستوايز تيار ڪرڻ ۾ مدد ورتي پئي وڃي. اهڙي نموني سان ڄاڻيل ٻين ضلعن ۾ به چونڊيل نمائندا، ڪامورا ۽ زميندار مڪمل طور سهڪاري بڻيل آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملير ضلعي ۾ پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل جن جن بااثر ماڻهن جون زمينون حڪومت کان ليز تي ورتل آهن اُهي به انهن کان واپس ورتيون پيون وڃن، ان عمل ۾ اُهي بااثر ماڻهو ڪنهن به قسم جي ڪا به سياسي يا قانوني مخالفت نه ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت تاريخي هاليجي ڍنڍ، ناري تعلي ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ موجود  ڍنڍون ۽ ڍورا به ڪارپورٽ فارمنگ لاءِ ليز تي ڏيڻ جي مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي، جيڪي زمينون، ڍنڍون ۽ ڍورا لاڳاپيل ڪمپنين جا ذميوار ماڻهو / ٽيمون وزٽ ڪري چڪا آهن. ( ڊولپنگ اسٽوري.

About admin

Check Also

وفاقي حڪومت جو عوام کي آسرو، بجلي 10رپين تائين ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت مهانگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ عوام کي هڪ نئون …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *