سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انتظاميا به ڪراچي شهر کي سنڌ کان الڳ ڪري لکي ڇڏيو، ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، وقتي گورنر به خاموش

Sindh-Agriculture-University-LogoMehran Uni

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي انتظاميا لاپرواهي ۽ نااهلي جون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، يونيورسٽي ۾ سال 2016 ۽ 2017 جي لاءِ مختلف شعبن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ  وٺڻ لاءِ امتحاني سينٽر تي جيڪو بئنر لڳايو آهي ان ۾، سنڌ کانسواءِ ملڪ جي ٻين صوبن يا شهرن کان آيل شاگردن لاءِ رهنمائي لاءِ بئنر لڳايو ويو. جنهن بئنر تي ڪراچي کي به سنڌ کان ٻاهر جي شهرن واري فهرست ۾ شامل ڪيو ويو. يونيورسٽي انتظاميا جي اهڙي لاپرواهي تي اتحاني سينٽر تي موجود شاگردن احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته يونيورسٽي انتظاميا کين پيپر ۾ وهڻ جي اجازت نه ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏئي خاموش ڪرايو، ڪجهه شاگردن کان موبائل ۾ ڪڍيل تصويرون به ختم ڪرايون.

سنڌ زرعي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر،، سنڌ جو وقتي گورنر ۽ يونيورسٽيز جو چانسلر به هن معاملي تي خاموش آهي ۽ نه ئي وري سنڌ حڪومت ان معاملي جو ڪو نوٽيس ورتو آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ “ڪراچي اور سنڌ” تي گوڙ ڪندڙ سنڌ اسيمبلي جا سمورا ميمبر به خاموش تماشائي بڻيل آهن.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *