Sunday , February 23 2025

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انتظاميا به ڪراچي شهر کي سنڌ کان الڳ ڪري لکي ڇڏيو، ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، وقتي گورنر به خاموش

Sindh-Agriculture-University-LogoMehran Uni

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي انتظاميا لاپرواهي ۽ نااهلي جون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، يونيورسٽي ۾ سال 2016 ۽ 2017 جي لاءِ مختلف شعبن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ  وٺڻ لاءِ امتحاني سينٽر تي جيڪو بئنر لڳايو آهي ان ۾، سنڌ کانسواءِ ملڪ جي ٻين صوبن يا شهرن کان آيل شاگردن لاءِ رهنمائي لاءِ بئنر لڳايو ويو. جنهن بئنر تي ڪراچي کي به سنڌ کان ٻاهر جي شهرن واري فهرست ۾ شامل ڪيو ويو. يونيورسٽي انتظاميا جي اهڙي لاپرواهي تي اتحاني سينٽر تي موجود شاگردن احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته يونيورسٽي انتظاميا کين پيپر ۾ وهڻ جي اجازت نه ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏئي خاموش ڪرايو، ڪجهه شاگردن کان موبائل ۾ ڪڍيل تصويرون به ختم ڪرايون.

سنڌ زرعي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر،، سنڌ جو وقتي گورنر ۽ يونيورسٽيز جو چانسلر به هن معاملي تي خاموش آهي ۽ نه ئي وري سنڌ حڪومت ان معاملي جو ڪو نوٽيس ورتو آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ “ڪراچي اور سنڌ” تي گوڙ ڪندڙ سنڌ اسيمبلي جا سمورا ميمبر به خاموش تماشائي بڻيل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *