Monday , March 31 2025
Breaking News

سنڌ سرڪار ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام، سنڌ ۾ ڪرونا ڪيسز وڌڻ لڳا

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار ) سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪامي سبب ڪرونا ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ ٿيڻ لڳي،گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪستان ۾ مجموعي طور ڪرونا جي 747 ڪيسز جي تصديق ڪئي وئي جن مان 365ڪيس سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ رپورٽ ڪيا ويا آهن. ملڪ ۾ ڪرونا جي صورتحال بابت اين سي او سي جي اجلاس دوران به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي ته سنڌ خاص طوطر تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪرونا جي ڪيسن ۾ ٻيهر تيزي سان واڌ اچي رهي آهي، جيڪا صورتحال انتهائي خطرناڪ آحي، ڇو ته صوبي ۾ سڄي ملڪ جيان تعليمي ادارا خاص طور تي پري نرسري، نرسري پرائمري اسڪولز به کوليا ويا آهن. اين سي او سي جي اجلاس دوران  دوران سنڌ جي صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي بريفنگ ڏيندي ڪيسن جي اضافي واري معاملي کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون، انتظاميا کي به ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ چيو آهي. اجلاس دوران وزيراعظ۾ عمران خان جي صحت بابت خاص معاون ۽ شوڪت خانم اسپتال جي اڳوڻي سربراهه ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ڪرونا جي روڪٿام لاءِ ٻيهر ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *