Tuesday , April 1 2025
Breaking News

سنڌ مان سياسي ڪارڪنن جي گم ٿيڻ وارو معاملو افسوسناڪ آهي: گورنر سنڌ محمد زبير

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته، سنڌ مان سياسي ڪارڪنن جي گم ٿيڻ وارو سلسلو افسوسناڪ آهي، هڪ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي سنڌ جي گورنر چيو آهي ته سنڌ ۾ 18 کان 20 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊ شيڊنگ سنڌ واسين سان  زيادتي آهي،جنهن بابت وفاقي حڪومت سان ڳالهائيندس.هن چيو ته سموري ملڪ مان بجلي جي لوڊ شيڊنگ ختم ٿي وئي آهي ته سنڌ مان به ان جو خاتمو ڪرڻ ضروري آهي. گورنر چيو ته پ پ سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي،جڏهن ته پنجاب جي ترقي سنڌ کان 50 سال اڳتي آهي. سنڌ ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ جي ذميوار سنڌ حڪومت به آهي، جنهن پنهنجي مرضي جا آفيسر مقرر ڪيا آهن. محمد زبير چيو ته، ايندڙ عام چونڊن ۾ ن ليگ پ پ ۽ پي ٽي آءِ سان نه پر جي ڊي اي سان اتحاد ڪري سگهي ٿي. سينيٽ جي چونڊن بابت گورنر چيو ته کين پ پ جي ڪردار تي تمام گهڻو افسوس ٿيو، سموري صورتحال جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي. ميان نوازشريف ۽ مريم نواز سنڌ کي گهڻو وقت نه ڏنو آهي، کين سنڌ ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو. گورنر سنڌ ۾ غائب ڪيل سياسي ڪارڪنن جي معاملي بابت ڳالهائيندي چيو ته اهو انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *