Wednesday , April 2 2025

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي، ايم ڊي اي، ڪي ڊي اي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ 17سالن دوران ڀرتين جو رڪارڊ گهرائي ورتو

ڪراچي (اصغرآزاد سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي، ايم ڊي اي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ واٽر بورڊ ۾ گذريل 17 سالن دوران ٿيل ڀرتين جو سمورو رڪارڊ گهرائي ورتو آهي، چيف جسٽس احمد علي شيخ، ايم پي اي هاسٽل ۽ سنڌ اسيمبلي جي نئين عمارتن جي اڏاوت ۾ مبينا ڪرپشن واري معاملي جي به رپورٽ طلب طلب ڪري ورتي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ ايم پي اي هاسٽل جي عمارت تعمير ۾ ڪرپشن واري ڪيس، گذريل سنڌ اسيمبلي، ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ڪراچي واٽر بورڊ ۾ گذريل 17 سالن دوران ڪيل ڀرتين جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڀرتي ڪيل ملازمن جا نالا، عهدا ۽ تعليمي قابليت به ٻڌائي وڃي.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته اهو به ٻڌايو وڃي ته ڀرتين لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تعليمي قابليت ڪيتري هئي.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *