سنڌ هاءِ ڪورٽ2011 دوران53 آفيسرز کي مليل ترقيون رد ڪري ڇڏيون

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2011ع ۾ وڏي وزير پاران گريڊ 17 ۾ ڪيل 53 آفيسرن جو ترقيون غيرقانوني قرار ڏيندي چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ايس اينڊ جي ڊي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ، 2011ع ۾ وڏي وزير پاران گريڊ 17 ۾ آفيسرن کي ڏنل ترقين خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌايو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ مختلف کاتن ۾ ڪيل آفيسرن جي ترقين کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ايس اينڊ جي ڊي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا.سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ترقي ماڻيندڙ 53 آفيسرن کي اصل کاتن ۾ واپس موڪلي 11 اپريل تائين عملدرآمد رپورٽ به پيش ڪئي وڃي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *