Sunday , February 23 2025

سنڌ واٽر ڪميشن، ميرپور خاص، ڀنڀور ۽ ٻين شهرن جي دوري تي رواني

WADHU WAHsewagelarkano swage watersewage1

سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت مختلف معاملن جي جاچ لاءِ جوڙيل عدالتي ڪميشن اڄ سنڌ جي مختلف شهرن جي دوري تي رواني ٿي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ قائم عدالتي ڪميشن اڄ کان ڀنڀور، نوابشاهه، حيدر آباد، ۽ ميرپور خاص سميت مختکلف شهرن جو دورو ڪندي، عدالتي ڪميشن سان ناميارو قانوندام شهاب اوستو به گڏ هوندو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشنر به آهي.

عدالتي ڪميشن مختلف شهرن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت صورتحال ۽ منصوبن جو به جائزو وٺندي.

هن ڪميشن آڏو عام ماڻهو به پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارن منصوبن بابت شڪايتون، زباني توڙي لکت ۾ پيش ڪري سگهن ٿا، قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن شڪايتون مڪمل تفصيلن سان گڏ لکت ۾ ڪيون وڃن ۽ زباني به تفصيل ٻڌايا وڃن ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. ان عمل سان عدالتي ڪميشن کي معاملن جي تهه تائين پهچڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي ۽ ڪميشن جو وقت به بچندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *