Sunday , February 23 2025

“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ

سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ ملڪ ۾ ايندڙ پنجن سالن دوران برساتون پونديون ۽ ٻوڏون اينديون،  سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۽ پاڻي جو زيان روڪڻ لاءِ ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪچي رهيا هيون”.

اسلام آباد ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا  چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ ملڪ ۾ ايندڙ پنجن سالن دوران برساتون پونديون ۽ ٻوڏون اينديون،  سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۽ پاڻي جو زيان روڪڻ لاءِ ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون. واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني قومي اسيمبلي جي پاڻي بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ بابت غيرسائنسي ۽ غير منطقي دليل دلي ڏيندي چيو آهي ته، “ايندڙ پنجن سان دوران تمام گهڻا مينهن وسندا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌو درياءَ ۾ گهڻو پاڻي اچڻ ڪري سنڌ ۾ ٻوڏيون اينديون. واپڊا چيئرمين دعويٰ ڪئي آهي ته، هُو سنڌ کي ٻوڏن کان بچائڻ ۽ پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ نوان ڪئنال ڪڍي رهيا آهن.” هن دعويٰ ڪئي ته، “ايندڙ پنجن سالن دوران برساتن ۽ ٻوڏن سبب 10 ملين ايڪڙ فوٽ اضافي پاڻي اچڻ جا اطلاع آهن، پاڻي جو زيان روڪڻ ۽ غير آباد زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سموري ملڪ ۾ ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت کي به سمورن معاملن جي ڄاڻ آهي،  شروعاتي طور سنڌ ۽ پنجاب ۾ 2-2، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ هڪ هڪ ڪئنال ٺاهيو پيو وڃي”.

قومي اسيمبلي جي پاڻي معاملن واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن واپڊا چيئرمين جي موقف کي رد ڪندي سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ڪئي. مير منور ٽالپر، جاويد شاهه جيلاني ۽ سيد ابرار شاهه، پي ٽي آءِ جي ميمبر زرتاج گل سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ، پاڻي جي اڳ ۾ ئي کوٽ آهي سنڌ ۾ موجود آباد زمينن لاءِ ئي پورو پاڻي ناهي، نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي آباد زمين به بنجر بڻجي  ويندي. پي ٽي آءِ جي زرتاج گل چيو ته حڪومت غير آباد زمينن آباد ڪرڻ لاءِ آباد زمينون بنجر بڻائڻ چاهي ٿي. ڪميٽي جي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبرن پهريون ڀيرو سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ڳالهائيندي چيو ته، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ٿو پهچي جنهن جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تباهه ٿي رهي آحي ۽ ڪراچي شهر کي به پيئڻ لاءِ گهربل پاڻي نه ٿو ملي.

About admin

Check Also

پيپلزپارٽي جي سِي اِي سِي جو اجلاس، صدر آصف زرداري جي موجودگي ڪئنالن جي مخالفت!

اسلام آباد(رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جِي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس، صدر آصف زرداري موجودگيءَ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *