سنڌ ڪابينا اڄ شاهراهه ڀٽو لاءِ پوڻا 19 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جي منظوري، سنڌ ڪابينا جي اڄوڪي اجلاس ۾ ميسرز واهه ڪينٽ لاءِ جِي ٽو/2-جِي؛ جَي لاءِ وهيڪل فٽنيس انسپيڪشن سينٽر قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني ويندي.
ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) سنڌ ڪابينا پي اي ايف کي 32 ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ ۽ شاهراهه ڀٽو جي تعمير لاءِ 19 ڪروڙ 76 لک 428 رپين جي فنڊ جي منظوري ڏيندي، ناڻي کاتي، روينيو ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي قانوني گهرجون مڪمل ڪري ڇڏيون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا جا وزير، ناڻي، روينيو، لينڊيوٽيلائيزيشن، تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ ۽ ليبر کاتي سميت لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز ۽ ٻيا عملدار شرڪت ڪندا. سنڌ ڪڪابينا جي اجلاس لاءِ 39 نڪتن تي مشتمل ايجنڊا به تيار ڪئي وئي آهي. ڪابينا جي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سميت مختلف کاتن جا وزير، سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدار بريفنگ به ڏيندا. ان سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٽرانسپورٽ کاتي، توانائي واري کاتي جا وزير شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه صدر آف زرداري سان گڏ چين جي دوري دوران مختلف چيني ڪمپنين سان لاڳاپيل شعبن ۾ ڪيل يادداشتنامن بابت به ڪابينا کي بريفنگ ڏيندا.

سنڌ ڪابي جي اڄوڪي اجلاس ۾ سنڌ انشورنس لميٽيڊ جو چيف آپريٽنگ آفيسر مقرر ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي، ڪابينا اقليتن واري کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ آفيس کي حيدرآباد مان ڪراچي منتقل ڪرڻ، بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي ٻيهر جوڙجڪ جي منظُري به ايجنڊا جو حصو آهي، جن اسمن جي منظوري ڏني ويندي.
سنڌ ڪابينا جي اڄوڪي اجلاس ۾ ميسرز واهه ڪينٽ لاءِ جِي ٽو/2-جِي؛ جَي لاءِ وهيڪل فٽنيس انسپيڪشن سينٽر قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني ويندي.
سنڌ بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ايڪٽ 1972 ۾ ترميم جي مسودي، وڏي وزير جي هيليڪاپٽر جي چيف انجنيئر جي نوڪري جي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ جي منظوري، قانون واري کاتي جي وقتي پراسيڪيوٽر جنرل لاءِ نان پريڪٽسنگ الائونسز جي منظوري واري درخواست، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي آفيس ۾ ڀرتين جي منظوري به ايجنڊا جو حصو آهي جن جي منظوري ڏني ويندي.
سنڌسماءَچار