رائلٽي جِي رقم ترقياتي ڪمن لاءِ آهي ته ضلعي انتظاميا جَي اڪائونٽس بدران ايم اين ايز جَي اڪائونٽس ۾ ڇو ٿي رکي وڃي؟ رقم ايم اين ايز جي اڪائونٽس ۾ رکيل آهي ته پوءِ انهن کي به طلب ڪرڻو پوندو: جسٽس ذوالفقار علي سانگي / جسٽس ارباب علي هڪڙو

سکر(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران لاڳاپيل علائقن جي ترقياتي ڪمن لاءِ ملندڙ فنڊز واسطيدار ضلعن/ علائقن جي ايم اين ايز جي اڪائونٽس پيل هجڻ جو انڪشاف، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ لاڳاپيل ايم اين ايز کي عدالت ۾ طلب ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، عدالت پاران سکر، گهوٽڪي، خيرپور سميت لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز کان سخت پڇاڻو ۽ ڪاوڙ جو اظهار.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رُڪني بئنچ آئل ۽ گئس فيلڊ ڪمپنين کان ملندڙ رائلٽي فنڊز استعمال نه ٿيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران لاڳاپيل ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز عدالت ۾ پيش ٿيا. درخواست تي ٻڌڻي دوران ڊي سيز جي پيش ڪيل رپورٽس تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي سيز کان پڇاڻو ڪيو؛ جِن علائقن مان اربين رپيا جو تيل ۽ گئس نِڪري ٿو، ڪمپنيون تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي مد ۾ اربين رپيا به ڏين ٿيون پوءِ به انهن علائقن جا ماڻهو اڃا تائين بنيادي سهولتن کان محروم ڇو آهن؟.

گهوٽڪي، سکر، خيرپور ۽ نوشهرو فيروز جي ڊي سيز عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته رائلٽي فنڊ سوشل ويلفيئر ڪاميٽين وسيلي استعمال ٿين ٿا، انهن ڪميٽين جا چيئرمين لاڳاپيل ضلعن جا ايم اين ايز آهن، ڊي سيز جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گهوٽڪي ۾ ايم اين اي خالد لنڊ، خيرپور ۾ ايم اين اي فضل شاهه جيلاني ۽ نوشهرو فيروز ضلعي مان ايم اين اي ابرار شاهه شامل آهن، ڊي سيز جي اهڙي رپورٽ / آگاهي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته آئل ۽ گئس ڪمپنين پاران رائلٽي طور ملندڙ فنڊز ضلعي انتظاميا بدران چيئرمينز وٽ ڇو آهن؟، اها رقم ضلعي انتظاميا جي اڪائونٽس ۾ رکڻ بدران ايم اين ايز جي اڪائونٽس ۾ ڇو ٿي رکي وڃي؟، جيڪڏهن ائين آهي پوءِ ته انهن ايم اين ايز کي به طلب ڪرڻو پوندو.
جسٽس ذولفقار علي سانگي گهوٽڪي فاريسٽ ۾ پکين لاءِ مخصوص ايريا جَي خراب حالت تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته “اوھان تترن ۽ ٻين پکين لاءِ ٺهيل ايريا به سنڀالي نٿا سگهو، شڪار تي پابندي باوجود عرب شڪار ڪن ٿا، ضلعي انتظاميا پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي، ڊي سي سکر عدالت کي ٻُڌايو ته رائلٽي فنڊ مان 59 لک رپيا موجود آهن، ڊي سي نوشهروفيروز جَي نمائندي ٻُڌايو ته 5 ڪروڙ 22 لک فنڊ مان ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، هِن وقت اڪائونٽ ۾ 93 لک رپيا پيل آهن، خيرپور ۽ گهوٽڪي جَي ڊي سيز تفصيل پيش ڪرڻ لاءِ مهلت گهُري ورتي. عدالت سمورن ڊي سيز کي هدايت ڪئي ته سال 2019 کان رائلٽي فنڊن جَي استعمال، ترقياتي اسڪيمن جي منظوري جو طريقيڪار ۽ فنڊز مان مقامي آبادي کي ڏنل سهولتن جا مڪمل تفصيل رڪارڊ سميت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي سياري جي عدالتي موڪلن کانپوءِ تائي ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌسماءَچار