Tuesday , April 1 2025
Breaking News

سنڌ ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي گڏهن جي پڙي

Donkey 01

ٽنڊو غلام علي ( سنڌ سماءَ چار نيوز ) ايشيا جي سڀ کان وڏي گڏهن جي وڏي پڙي ۾ گڏهن جو وڪرو ۽ خريداري جاري آهي. ٽنڊو غلام علي ۾لڳندڙ ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي گڏهن جي پڙي هن سال به وڏي ڌام ڌوم سان جاري آهي، پڙي ۾ سنڌ جي مختلفن شهر مان گڏهن جا واپاري   خريداري ۾ رڌل آهن. ٽنڊو غلام علي شهر جي پراڻي ڪارخاني وٽ لڳل  پڙي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، دادو، نوابشاهه، ميرپورخاص ۽ نوشهروفيروز سميت ٻين شهرن مان هزارين واپاري پڙي ۾  پهتل آهن، جيڪي اعليٰ نسل جا گڏهه خريد ۽ وڪرو ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي واپارين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هن سال پڙي ۾ واپاري گهٽ اگهه وارا گڏهه خريد ڪري رهيا آهن. واپارين جو چوڻ هو ته پڙي ۾ قائم هوٽلن تي ماني مهانگي آهي،گاهه به شهر کان وڌيڪ اگهه تي ملي رهيو آهي. هوڏانهن پڙي ۾ هن سال به لاسي، ايراني، لاڙي، برا، جابلو، ٽڪر، خودڙا، ڪوهستاني، ٽامڙا ۽ ٻين نسلن جا گڏهه وڪري لاءِ آيل آهن.

Donkey 04

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *