سهيل ميمڻ
ڇا اهو ڪمال ناهي، ته زرداري صاحب سنڌ جي خدمت جو اهڙو فارمولا ڏنو آهي، جو ڄام صادق جي باقيات کان وٺي هڪٻئي جا ڪٽر مخالف مهر ۽ لنڊ هڪ ئي ڇت هيٺان جمع ٿيا آهن۔ ”ٻيا خدمت ڪن، مان رهجي نه وڃان“ وارو خيال عرفان الله مروت کي به پي پي ۾ وٺي آيو، پر ان جو في الحال ڇڪو نه لڳو۔ گهرائي سان نظر وجهجي، ته هن مهل تائين ڪو عوام دوست غريب سياستدان نه پر سڀ وڏا ماڻهو ئي پي پي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جن کي اقتدار صرف ان پاسي نظر اچي پيو ۽ ٻيو ڪو متبادل ناهي۔ ڪجهه ڏينهن اڳ، ڪاوش ۾ ماجد صديقي جو مضمون ”سنڌ ۾ ڏاهپ جي ڪرپشن ۽ متبادل جو مونجهارو“ جي عنوان سان پڙهي، ان موضوع تي لکڻ کان ان لاءِ نه رهيو ويو، جو اهڙا سوال مون کان به چڱا ڀلا سمجهدار دوست، دانشور ۽ صحافي ڪندا آهن، ته ادا مڃون ٿا، ته پيپلز پارٽي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، پر ٻيو ڪو متبادل به ته ناهي. مان انهن کان پڇندو آهيان، ته جيڪڏهن متبادل نظر نه ٿو اچي، ته ان جي معنى اها آهي، ته اهڙا حڪمران ڀلي اسان تي سوار هجن، جن جي حڪمراني ۾ سنڌ اندر ادارا تباهه هجن يا ٿر ۾ ڀلي پنج پنج سئو ٻار بک وگهي مرندا هجن.
سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت 18 مهينا هلي هئي ۽ ٻي اڍائي سال، ٻنهي حڪومتن جي خاتمي بعد پيپلز پارٽي سنڌ جي ماڻهن کي ڪجهه ڊليور نه ڪري سگهڻ جا سبب اهي ٻڌايا هئا، ته هڪ ته ٽائيم نه ڏنو ويو، ۽ ٻيو اسيمبلي ۾ اڪثريت اتحادين جي هجڻ ڪري مخلوط حڪومت هئي. البت، هاڻ پيپلز پارٽي گذريل ذري گهٽ ڏهن سالن کان، بنا ڪنهن بليڪ ميلر اتحاديءَ جي، ۽ پورا پنج سال وفاق تي مڪمل ڪنٽرول رکندڙ حڪمران پارٽي رهي آهي ۽ پوءِ به ان جيڪا سنڌ جي حالت ڪئي آهي، تنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي۔ ان صورتحال ۾ جڏهن صاف ظاهر آهي، ته سنڌ جي تعليم، صحت، روڊ رستا، پيئڻ جي پاڻي، روزگار ۽ انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿي ويو هجي، ته پوءِ به اهلِ علم ۽ دانش اهو چئي، سندن حمايت ڪري، ته متبادل ناهي، اصل ۾ اهو ئي سنڌ جو الميو آهي۔ پيپلز پارٽي جي سامهون سنڌ ۾ جيڪي به ننڍيون وڏيون پارٽيون، بشمول، قومپرست پارٽين جي آهن، جيڪڏهن انهن جا گناهه ثواب هڪ پاسي رکي ڏسجن، ته سندن گناهه ثواب پيپلز پارٽي جي گناه ثوابن جي ڀيٽ ۾ نه هجڻ برابر ٿيندا۔ مٿان انهن تي ته اها ميار به ناهي، ته ڪو سنڌ انهن کي ڪڏهن موقعو ڏنو آهي۔
اسان جو اهو ڏاهپ ڀريو طبقو اصل ۾ ان ڪم سان لڳل آهي، ته پيپلز پارٽي جي سامهون جيڪو به سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ان کي ايترو خراب لکو ۽ ورجايو، جو ماڻهو انهن لاءِ سوچين ئي نه۔ مثال طور؛ امتياز شيخ مسلم ليگ فنڪشنل ۾ آهي ته خراب آهي، جي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو آهي، ته سٺو ٿي ويو۔ مهر ۽ ناصر شاه اڳ ۾ مشرف سان گڏ هئا، ته خراب هئا، پر پي پي ۾ آهن ته اهي سٺا بڻجي پيا آهن. نبيل گبول ايم ڪيو ايم ۾ ويو، ته سنڌ جو غدار، پي پي ۾ آيو ته محب وطن۔ ڪي ئي مثال ڏئي سگهجن ٿا۔ مان سمجهان ٿو، ته جي ارباب رحيم اڄ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿئي، ته هو صفا سٺو ليکيو ويندو۔ منهنجو پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ سياست ڪندڙ پارٽين جي وڪالت يا ترجماني ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، ڳالهه اها آهي ته اسان جي سنڌ جي جيڪا ڏاهپ پنهنجن مفادن ڪري ڪرپٽ حڪمراني کي ٽيڪ ڏيڻ ۾ لڳي پئي آهي، ان بابت بحث ٿيڻ کپي۔ دنيا جي تاريخ ۾ اهل علم ۽ ڏاهپ وارن ماڻهن، جنهن ڳالهه کي غلط سمجهيو آهي، اهي ان جي سامهون اڪيلائي، ديوار بڻجي بيٺا هئا، ڪو به سندن ساٿ ڏي نه ڏي، غلط کي غلط چوندي، وقت جي جابرن سان اٽڪي پيا، گهاڻن ۾ پيڙجي ويا، پر انهن ته متبادل جي پڇا نه ڪئي۔ مان ته دنيا جي تاريخ ۾ ڪٿي هڪ هنڌ به ناهي پڙهيو، ته ڏاهن ماڻهن ظالم، ڪرپٽ، ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪندڙن، انسانن کي غلامن بڻائي رکندڙ ۽ انهن جي رت چوسيندڙن کي ان ڪري نه صرف قبول ڪيو هجي، پر سندن پرزور حمايت به ڪئي هجي، ته متبادل ناهي۔
مون کي سنڌ جي متبادل جي متلاشي ڏاهن تي ان ڪري به حيرت ٿيندي آهي، ته باقي سندن ڏاهپ ڪهڙي ڪم جي، ڇاڪاڻ ته غلط کي غلط چئي متبادل ڳولهڻ، قوم کي متبادل ڏسڻ ڏاهن جو ئي ته ڪم هوندو آهي۔ باقي ڇا ڏاهپ ۽ دانشوري صرف اسٽيجن تي ويهڻ، هر فنڪشن جي صدارت ڪرڻ، هر ڌر سان سهمت هجڻ، سرڪاري عهدا، مراعات وٺڻ، ٽي وي ٽاڪ شو ۾ اچڻ، وزيرن جون وانگارون وهڻ جو نالو آهي؟ مون کي ان وقت وڌيڪ ڏک ٿو ٿئي، جڏهن ڏسان ٿو، ته وزيرن جون ونگارون وهڻ ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي حڪمراني قائم رکڻ لاءِ جواز ايجاد ڪندڙ سڀ ڏاها، دانشور ۽ صحافي سکيا ستابا به آهن، گهر، گهاٽ، گاڏيون، نوڪريون، پوسٽنگس، سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي اٿن، ائين آهي ئي، نه ته چئجي، ته ويچارا تڪليف ۾ آهن، بک پيا مرن، ان لاءِ انهن حڪمرانن جي اڳيان پويان پيا ڦرن۔ پو ءِ به پنهنجي صلاحيتون ونگارن ۾ پيا صرف ڪن۔
هاڻي سوال پيدا ٿو ٿئي، ته جي آزمايل سياستدان ڪرپٽ آهن، ته پوءِ ماڻهو کين ووٽ ڇو ٿا ڪن؟ ان لاءِ منهنجو خيال آهي، ته ووٽ وارو دور ويو، هي سڀئي پيسي، پوليس، ننڍي ۽ وڏي وڏيري، نگران حڪومت ۽ رياست جي آشيرواد سان اليڪشن کٽي اچن ٿا۔ توهان اليڪشن ۾ حصو وٺي ڏسو، ووٽ به توهان کي ملندا، پر شام جو نتيجو توهان جي خلاف هوندو۔ ووٽ وجهڻ وارا هڪڙا هوندا آهن، پر ووٽ ڳڻڻ وارن جو ڪمال ووٽ وجهڻ وارن کان وڌيڪ هوندو آهي، نه ته ڀلا سنڌي ڪيترا به سادا سوده ڇو نه هجن پر ايترا به ناهن جو انهن کي بار بار چونڊين، جيڪي سندن نسلن کي گٽر جو پاڻي پيا پيارين۔ هي حڪمران وڏيري جو قائم ڪيل ووٽ سسٽم آهي، جيڪو کين کٽرائي ٿو، نه ته اهو به ته انهن ئي سنڌين جو شعور هو ۽ اهو به اڄ کان ستر ۽ اسي سال اڳ، جو لاڙڪاڻي جي وڏي سياستدان سر شاهنواز ڀٽو تي فقير منش شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ترجيح ڏئي، ٻاهران اچي لاڙڪاڻي ۾ اليڪشن وڙهندڙ شيخ صاحب کي ڪامياب ڪيو هئائون۔ هاڻي ڏسجي ته ڇا واقعي متبادل ناهي؟ جي اليڪشن جو موجوده طريقو هلندو ته واقعي به متبادل ناهي۔ هنن جي چونڊون وڙهڻ وارن مافيا ٽائيپ انداز سان ڪو به شريف ماڻهو هنن سان موجوده سسٽم ۾ اليڪشن وڙهي نه ٿو سگهي۔ جيڪي هنن آڏو بيهن ٿا انهن کي شابس آهي۔ ڇا اهو عجيب ناهي ته چيف منسٽر، پنهنجي ماتحت هڪ ڪارپوريشن جي سربراهه کي نگران چيف منسٽر مقرر ڪري، هو اليڪشن ۾ کيس مقرر ڪرڻ وارن جي ڀرپور مدد ڪري ۽ پوءِ مدو پورو ٿيڻ بعد وري وڃي، ٻيهر پنهنجي پوشٽنگ تي ويهي۔ جيئن سنڌ ۾ گذريل چونڊن ۾ ٿيو۔
سنڌ جي ڏاهپ وارو حڪومت مان فائدو حاصل ڪندڙ طبقو اصل ۾ سنڌ اندر ڪنهن به ٻي سياسي قوت کي اسرڻ ڏيندو ئي ڪو نه، ڪو به هتي سرگرم مس ٿئي ٿو، ته هي ڀون ڀون ڪري وٺيو ٿا وڃن۔ ڀلا هلو انهن ڏاهن جي ڳالهه ٿوري دير لاءِ مڃيون ٿا، ته جلال شاهه، صدرالدين شاه، اياز لطيف پليجو، حسين هارون، قادر مگسي، ڪرم وساڻ، امان شيخ، خالق جوڻيجو، ٺٺي جا شيرازي، ٿر جا ارباب، شڪارپور جا سومرا، ممتاز ڀٽو، تحريڪ انصاف ۽ ٻيا چونڊون وڙهندڙ سڀ خراب آهن، هاڻي انهن جي خرابين ۽ موجوده پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کي تارازي ۾ رکي تُور جي، ته پلڙو سئو ڀيرا موجوده حڪمرانن جو ڀاري هوندو۔ بقول سنڌي ڏاهن جي، جي حمايت خراب جي ئي جاري رکڻي آهي، ته پوءِ ڇو نه گهٽ خراب جي حمايت ڪري وڏن لٽيرن مان جان آجي ڪرائجي!