Tuesday , March 11 2025

سنڌ ۾ نئين مزدور پاليسي جو اعلان،سروسز ٽربيونل 60 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جا پابند هوندا

ڪراچي( رپورٽر     سنڌسماءَچار) سنڌ سرڪار صوبي ۾ نئين ليبر پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو چيو آهي ته پاليسي تحت مزدورن کي يونين ٺاهڻ جو اختيار هوندو، ليبر ڪورٽس ۽ ٽريبيونلز کي 60 ڏينهن اندر فيصلا ڏيڻا پوندا، جڏهن ته پاليسي تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ 3 رڪني اسٽينڊنگ ڪميٽي به قائم ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي، صوبي جي نئين ليبر پاليسي جو اعلان ڪيو. سينئر صوبائي وزير چيو ته پاليسي تحت مزدورن کي يونين ٺاهڻ جو اختيار هوندو، جڏهن ته صنعتڪارن سان گڏجي هنرمندن جي تربيت لاءِ نظام جوڙيو ويندو. نئين ليبر پاليسي تحت ليبر ڪورٽس ۽ ٽريبيونلز کي 60 ڏينهن اندر فيصلا ڏيڻا پوندا، جڏهن ته پاليسي تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ 3 رڪني اسٽينڊنگ ڪميٽي به قائم ڪئي ويندي. ا موقعي تي پورهيئي کاتي جي وزير سيد ناصر شاهه چيو ته مزدورن جي سماجي سڪيورٽي ۽ اِي او بي آءِ کي جلد آفاقي بڻايو ويندو، جڏهن ته پاليسي سان صوبي مان چائلڊ ليبر ۽ جبري پورهئي جو خاتمو آندو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

چشما جهلم لنڪ ڪئنال وهي رهيو آهي، ڪوٽڙي وٽ شديد کوٽ

سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو انتهائي درجي تائين گهٽجڻ ان سان گڏ سنڌ ۾ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *