Sunday , April 20 2025
Breaking News

سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ، ڏڪار جي صورتحال جو الرٽ جاري

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ ۾پاڻي جي بدترين کوٽ ۽ 62 سيڪڙو گهٽ مينهن وسڻ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ ڏڪار جو الرٽ جاري، موسميات کاتي ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، سانگهڙ، گهوٽڪي ۽ سکر سميت سنڌ جي 15 ضلعن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ برساتون نه پوڻ سبب ڏڪار جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

موسميات کاتي پاران جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي جي بدترين کوٽ کي منهن ڏيندڙ سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي، معمول کان 62سيڪڙو گهٽ برساتون پوڻ جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، عمرڪوٽ، گهوٽڪي، سکر ۾ ڏڪار جي صورتحال آهي، الرٽ موجب لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، سانگهڙ، شهيد بينظيرآباد ۽ جيڪب آباد سميت سنڌ جي 15ضلعن ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي. موسميات کاتي موجب پهرين سيپٽمبر 2024 کان 21 مارچ 2025 تائين معمول کان 40 سيڪڙو گهٽ مينهن وسيا، ان عرصي دوران سنڌ ۾ معمول کان 62 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ معمول کان 52 سيڪڙو گهٽ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. موسميات کاتي موجب پنجاب ۾ معمول کان 38 سيڪڙو، ڪي پي ۾ 35 سيڪڙو ۽ آزاد ڪشمير ۾ معمول کان 29 سيڪڙو گهٽ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏکڻ وارن علائقن ۽ پنجاب جي اوڀر وارن علائقن ۾ ڏڪار واري صورتحال برقرار آهي، برسات نه پئي ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.

About admin

Check Also

سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون ته هنن ڇا ڪيو، ڪئنال ٺهڻ ڏيو: مصدق ملڪ

اسان سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون، هنن ان تي اسان کي ڇا ڪيو جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *