ماجدصديقي
مختلف محفلن، اوچتو ٿيندڙ ملاقاتن ۽ ڪچهرين دوران جڏهن پيپلز پارٽي سرڪار جي نا اهلين ۽ ان جي نتيجي ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ سنڌ جي تباهيءَ جو ذڪر نڪري ٿو ته چڱا خاصا ڏسڻا وائسڻا سڀ ڪجهه سمجهڻ جي باوجود اڻ سڌي طرح پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ ڏيندي ۽ سنڌ جي تباهه حاليءَ جي ذميوار جماعت جو دفاع ڪندي نظر اچن ٿا۔ هو سنڌ سرڪار جي نا اهلين جي نه کٽندڙ سلسلي جي دفاع ۾ اهو سوال وڏي شد مد سان سرڪار تي تنقيد ڪندڙن کان پڇن ٿا ته، اگر پيپلز پارٽي نه ته پوءِ اوهان کي ٻيو ڪير گهرجي؟ ٻڌايو، اٿوَ ڪو متبادل؟! سندن موقف آهي ته جيستائين ڪو متبادل پيدا ٿئي، تيستائين پيپلز پارٽيءَ تي تنقيد جا تير وسائڻ اجايا آهن۔ سندن لهجي ۽ دليلن مان لڳي ٿو ته سنڌ جي حالتن تي لکڻ يا ان حوالي سان ڪنهن به فورم تي آواز اٿارڻ هاڻ کين وقت جو زيان ۽ هروڀرو واري پٽاڙ ٿي لڳي، جنهن جو سندن نظر ۾ مقصد ۽ اثر ٻڙي زربيان ٻڙي آهي۔ پيپلز پارٽي سرڪار جي دفاع ۾ وٽن هڪ ٻيو دليل اهو آهي ته جڏهن سنڌ جو ماڻهو پيپلز پارٽي سرڪار جي ڪردار کان واقف هجڻ جي باوجود کين ٻڪن جا ٻڪ ڀري ووٽ ڏيئي ٿو ته پوءِ ان تي ڪنهن پاران به تنقيد ڪرڻ بيڪار مشق آهي، جنهن جو ڪوبه نتيجو نڪرڻ مشڪل ۽ محال آهي۔ اهو صحيح آهي ته هن مهل اليڪشن جي پس منظر ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ڪوبه سياسي متبادل موجود نه آهي، جنهن جي ڪري ساڍن اٺن سالن جي بدترين ڪارڪردگيءَ جي باوجود ان جي قيادت سنڌ ۾ ٻيهر اليڪشن کٽڻ ۽ هڪ دفعو وري اقتدار ۾ اچڻ جي حوالي سان پراعتماد آهي پر ان جي بنياد تي اها ڳالهه ڪرڻ صحيح نه آهي ته ان تي تنقيد ڪرڻ هروڀرو ورجاءُ آهي يا وقت وڃائڻ جي مترداف آهي۔ اهو سنڌ جي هر شهريءَ جو بنيادي حق ۽ اخلاقي فرض آهي ته اهو سنڌ جي موجوده حڪمرانن پاران ٿيندڙ لڳاتار زيادتين تي نه صرف آواز بلند ڪري ۽ بار بار ڪري، بلڪه ان حوالي سان اگر عملي طور تي ميدان ۾ به نڪري سگهي ته ضرور نڪري، پوءِ ڀلي گرائونڊ تي ڪو سياسي متبادل موجود هجي يا نه هجي۔ صرف ان بنياد تي ته ڇاڪاڻ ته متبادل موجود نه آهي، ان ڪري تباهيءَ جو پروگرام پيش ڪندڙن تي تنقيد به نه ڪجي، اهو جائز دليل نه آهي۔ متبادل نه هجڻ واري بحث جي ڄار ۾ ڦاسائڻ وارن کي ان ڳالهه تي به سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي ته هاڻ سنڌ ۽ سنڌين کي مزيد ماٺ مارائي وجهندي۔ ان ڪري آواز اٿاريندڙن ۽ عملي ڪم ڪندڙن تي سوال اٿارڻ بجاءِ ساڻن ساٿ ڏيڻ جي ضرورت آهي۔ ان حوالي سان مان محترم شهاب اوستي صاحب جو ذڪر ضرور ڪندس، جيڪو عملي طور ميدان ۾ لٿل آهي، جنهن جي تنقيدي تحريرن ۽ عملي قدم کڻڻ ڪري نه صرف سرڪار جي بدترين حڪمرانيءَ جو وڌيڪ پتو پئجي رهيو آهي پر ساڳي وقت ننڍي پيماني تي ئي سهي، تحرڪ جي تازي هوا به گهليل آهي، جيڪا ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساهي رهي آهي۔ شهاب اوستي صاحب سرڪار جي وزيرن سان فوٽو سيشن بدران سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي، جنهن سبب سڄي سنڌ سندس خلوص جي معترف ته ٿي ئي آهي پر سندس دليل جو وزن به وڌيو آهي۔ اهو ممڪن آهي ته سندس عملي قدم کڻڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل تحرڪ جو پيپلز پارٽي جي 2018ع واري اليڪشن منصوبي تي ڪو اثر نه پوي ۽ سنڌ سرڪار جي پت وائکي ٿيڻ جي باوجود پيپلز پارٽي هڪ دفعو وري اقتدار ۾ اچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي پر انهن سمورين ڳالهين جي باوجود سندس سوچ مثبت ۽ قدم تحسين جي لائق آهي، جنهن کي سنڌ سان سلهاڙيل هر اک قدر جي نگاه سان ڏسي پئي۔ اهڙي ريت اهي ماڻهو، جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح سرڪاري ارينجمينٽ جو حصو ٿيڻ بدران لڳاتار سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي قلم کڻن پيا، تن جي محنت به شايد جلدي رنگ نه لائي پر ان جي باوجود سرڪار ۽ وزيرن سان بيهڻ بدران سنڌ سان بيهڻ وڌيڪ وقار ۽ شان جي ڳالهه آهي۔ اسان سڀني کي ڄاڻ آهي ته اليڪشن جا ته پنهنجا ڊائنامڪ هجن ٿا۔ اها ته ڪيئن به ڪري بس کٽڻي هوندي آهي ۽ ان حوالي سان اڄ جي پيپلز پارٽي قيادت ته سڀ کان اڳڀري نظر اچي رهي آهي۔
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي سالن تائين تباهي ڪرڻ جي باوجود پيپلز پارٽيءَ جي موجوده قيادت هڪ اهڙي سياسي ۽ سماجي نظام کي هٿي ڏيئي رهي آهي، جنهن سان سندس اقتدار کي دوام ملندو رهي۔ اهو سڄو ڪم ڄڻ ڪنهن سازش جيان ڪيو پيو وڃي۔ هو هڪ طرف ته پنهنجي مخالف وڏيرن کي هرکائي پنهنجي ڪيمپ ۾ شامل ڪري رهي آهي ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ هو انهن پاڪيٽس مان به ڪاميابي ماڻي، جتان کيس شڪست ملندي رهي آهي يا ملڻ جو کين خدشو آهي۔ ٿلهي ليکي پيپلز پارٽي جي دبئي ۾ ويٺل (هاڻي هتي) قيادت اهڙو ماحول بڻائڻ گهري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سڄي سنڌ ۾ سوڀ ماڻي هڪ دفعو وري اقتدار جي مسند تي ويهي سگهي۔ ٻئي طرف هو هڪ اهڙي سماجي ۽ معاشي ڍانچي کي سپورٽ ڪري رهي آهي، جنهن سبب غربت، لاچاري ۽ ناداريءَ ۾ اضافو ٿئي۔ عام سنڌي ووٽر ايترو ته نحيف ۽ ڏٻرو ٿي وڃي، جو پنهنجي پنهنجي علائقي جي وڏيرن تي ڀاڙڻ کانسواءِ اڳتي نه وڌي سگهي۔ اهو هڪ اهڙو سياسي منصوبو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو وڏيرو مضبوط ۽ عام ماڻهو ڪمزور ٿيندو، جنهن جو آخرڪار فائدو وڏيرن ذريعي پيپلز پارٽي قيادت کي پوندو، جنهن بعد هو سنڌ جي سياسي، معاشي، سماجي ۽ انتظامي ڍانچي تي هڪ دفعو ٻيهر قابض ٿي ويهي رهندا ۽ سنڌ ويچاري ائين ئي بربادي ۽ تباهيءَ ڏانهن ويندي رهندي۔ اهڙي صورتحال ۾، جڏهن دهشتگرديءَ جو جِن هاڻ سنڌ کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي چڪو آهي، سنڌ جي نمائنده سمجهي ويندڙ جماعت پاران خصيص سياسي مقصدن ماڻڻ لاءِ سنڌ جي سماجي ڍانچي کي فرسوده رکڻ ۽ ان کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو۔ هن مهل سنڌ جي سيڪيولر بنيادن کي هٿي ڏيڻ کان علاوه ان کي پراڻي قبائلي ۽ جاگيرداراڻي سماج کان جند ڇڏرائڻ جي ضرورت آهي۔ تبديليءَ جي عمل جو منفي زون ڏانهن رخ موڙڻ انتهائي برن نتيجن کانسواءِ ڪنهن کي ڪجهه به نه ڏيندو۔
مختلف طبقن پاران سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ سميت ڪنهن به جماعت جي اهڙي انداز ۾ سياسي هڪ هٽيءَ کي سڌي يا اڻ سڌي طرح سپورٽ ڪرڻ انتهائي خطرناڪ آهي۔ ان ڪري سياسي مخالفن کي هرکائي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ واري عمل جي به نندا ٿيڻ گهرجي، ڇو ته انهن پاران پنهنجون پارٽيون ڇڏي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو بنيادي سبب ڪارڪردگي نه، بلڪه اها ڏي وٺ واري پاليسي آهي، جنهن پهرين به سنڌ کي هيڻو ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ به اسان لاءِ هاڃيڪار آهي۔ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽي ان هڪ هٽيءَ کي مضبوط وڏيرا شاهيءَ جي بنياد تي ۽ معاشري تي مڪمل طور زور زبردستيءَ واري سوچ تحت قائم ڪرڻ گهري ٿي. يعني اها بنيادي طور تي پنهنجي پارٽيءَ کي سياسي ۽ جمهوري حوالي سان سگهارو ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي وڏيرن ذريعي مضبوط ٿيڻ چاهي ٿي۔ ان جو منهنجي نظر ۾ بنيادي سبب اهو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي ڄاڻ آهي ته ان جي ساڍن اٺن سالن جي ڪارڪردگي انتهائي خراب آهي۔ هو اگر ان بنياد تي ووٽ وٺڻ لاءِ ويا ته ماڻهو انهن کان سندن ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ سوال ڪندا ۽ سندن تاريخي ڪرپشن تي وڏي واڪ ڳالهائيندا، جيڪا ڳالهه پارٽيءَ ۽ ان جي قيادت لاءِ ڏکيائين جو باعث بڻبي ۽ سندن ووٽ جي حصول کي مشڪل بڻائيندي۔ جنهن ڪري هو اهڙي سماجي ماحول کي هٿي ڏيئي رهيا آهن، جنهن سان وڏيرا مضبوط ٿين ۽ سڄي سماج تي پنهنجي جڪڙ مضبوط ڪن۔ کين معاشي طور تي سگهارو ڪرڻ کان علاوه ڄاڻي واڻي انتظامي سپورٽ به ڏني پئي وڃي، جنهن سبب وڏيرو متارو ٿيندو ۽ عام ماڻهوءَ جي روزي روٽيءَ سميت سمورن مامرن جو مالڪ بڻبو۔ نتيجي ۾ سندن ووٽر غربت ۽ پريشانين جي ور چڙهندا ۽ روزگار سميت هر ضرورت ۽ تڪليف ۾ وڏيري جي دروازي تي دانهين ٿيندا، جيڪا ڳالهه آخرڪار وڏيرا شاهيءَ کي مزيد مضبوط ڪندي، جنهن سبب عام ووٽر لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ تي سوال ڪرڻ ممڪن ئي نه رهندو۔ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت چاهي ٿي ته مجموعي طور تي اهڙو ماحول ٺاهيو وڃي، پوءِ ڀلي اهو جمهوري ۽ سياسي نه هجي پر نتيجه خيز هجي۔ ان ڪري نج جمهوري ۽ سياسي قدرن کي هٿي ڏيڻ بجاءِ مڪمل طور تي جابراڻي ۽ جاگيرداراڻي روش کي جنم ڏنو پيو وڃي۔ اهڙي صورتحال ۾ ڳالهائڻ، آواز اٿارڻ، لکڻ کي وائڙي ڳالهه يا ورجاءُ سمجهڻ منهنجي نظر ۾ مذموم مقصدن کي هٿي ڏيڻ جي مترادف آهي۔
متبادل نه هجڻ وارو سوال اٿاري معاملي کي منجهائيندڙن کي شايد اها خبر نه آهي ته هاڻ ته سنڌ جو وڏو وزير به پنهنجي سرڪار کي سرعام خراب حڪمرانيءَ جو ذميوار قرار ڏيئي رهيو آهي۔ هن گذريل ڏينهن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ منعقد ٿيل هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي اهو تسليم ڪيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار سمورن سالن دوران سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو نه ڪري سگهي آهي۔ ان کانسواءِ گذريل ڏينهن هڪ خانگي نجي چينل جي ميزبان خصوصي انٽرويو دوران جڏهن کانئس پڇيو ته، هو جڏهن سنڌ جي چيف ايگزيڪيوٽو جي حيثيت ۾ سنڌ جا ننڍا وڏا شهر گهمڻ وڃي ٿو يا اتان گذري ٿو ته اتان جي حالت ڏسي کيس پيپلز پارٽيءَ جي تقريبن نون سالن جي ڪارڪردگيءَ تي فخر محسوس ٿئي ٿو؟ ته جواب ۾ مراد علي شاهه ڪوتاهين کي تسليم ڪندي جواب ”نه“ ۾ ئي ڏنو۔ ڳالهه اها آهي ته جڏهن مالڪ پاڻ پنهنجين ڪوتاهين کي مڃين پيا ته پوءِ ٻيا انهن جا وڪيل ٿي ڇو پيا گهمن ۽ انهن پاران سندن ڪيس ڇو پيا وڙهن۔ ان کان علاوه تازو سيوهڻ واقعي به سنڌ سرڪار جي خراب حڪمرانيءَ جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي۔
متبادل جو سوال اٿاريندڙن کي شايد هر ڳالهه ورجاءُ ۽ وقت جو زيان لڳي پر اهو ورجاءُ ان ويل تائين ڪبو رهبو، جيستائين جمهوريت ۽ عوام جي نالي تي هلندڙ سنڌ سرڪار سنڌ سان پنهنجو وهنوار درست نه ٿي ڪري۔ جيستائين ڪچرن جا ڍير بڻيل سنڌ جا سمورا شهر صاف نه ٿا ٿين، جيستائين ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، بدين، ٺٽو، سانگهڙ، دادو، گهوٽڪي، سکر، نوشهرو فيروز، شڪارپور، مٺي، خيرپور ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن جا چونڊيل نمائندا ۽ حڪمران انهن شهرن جي بجيٽ هڙپ ڪرڻ بدران ٽيڪس ڀريندڙن جا پيسا انهن تي واپس نه ٿا لڳائين۔
منجهائيندڙ سوال اٿاري سمورا ماڻهو ڀلي سرڪاري ڊسپلين جو سڌي يا اڻ سڌي طرح حصو ٿي وڃن۔ اهي ڀلي وزيرن جي پويان پنهنجون گاڏيون ڊوڙائين يا انهن سان فوٽو سيشن ڪرائي فيس بڪ تي ڊگها اسٽيٽس رکي تعريفن جا راڳ آلاپين۔ اهي ڀلي سرڪار جي ڪارستانين تي لکڻ به بند ڪري ڇڏين يا پنهنجا موضوع مٽائي ڇڏين۔ اهي بيشڪ وڏن وڏن عهدن تي نظر رکن يا بهاني بهاني سان سرڪاري فنڊ وٺڻ جو سلسلو جاري رکن۔ هاڻ انهن سڀني ڳالهين سان ڪو فرق پيو ته صرف انهن جي پنهنجي ڪردار تي ئي پوندو۔ ڇو ته سنڌ جي شعوري اک جاڳي پئي، جيڪا سياسي اڳواڻ هجي يا حڪمران هجي، مير هجي يا پير، وڏيرو هجي يا سردار يا ڪو ساڃاهه وند سمجهيو ويندڙ شخص، انهن سڀني کي نه صرف غور سان ڏسي پئي، بلڪه انهن جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪري پئي۔
سنڌ جو ساڃاهه وند سمجهيو ويندڙ ۽ راءِ جوڙيندڙ طبقو اگر ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ بجاءِ ڪنهن وزير وسيلي سنڌ جي سيني تي مسلط حڪمرانن سان اڻ سڌي طرح به بيٺل نظر آيو ته پوءِ ايندڙ سالن ۾ سندن نالو به ويساهه وڃائيندڙن جي فهرست ۾ ئي ملي سگهندو۔