سنڌ ۾ ڪرونا وگھي 48ماڻھو فوت، متاثرن جؤ انگ ھڪ لک کان وڌي ويو

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 48 حياتيون کسي ورتيون، سنڌ۾ فوتين جو انگ وڌي ھڪ ھزار 795 ٿي ويو،  ھڪ ھزار 713  نوان ڪيس ظاھر ٿيڻ بعد مريضن جو انگ ھڪ لک 5 ھزار 715ٿي ويو آهي. گذريل چوويھ ڪلاڪن دوران ڪراچي شھر ۾ 715، خيرپور ضلعي ۾ 172، لاڙڪاڻي ۾ 62، شڪارپور ۾ 59 ۽ مٽياري ۾ 55، ميرپورخاص ۾ 46، گهوٽڪي ۾ 41، سانگهڙ ۾ 35، دادو ۽ قمبر ۾ 32-32 جڏهن ته ٽنڊو محمد خان ۾ 31 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح ٺٽي ۾ 27، ڄامشورو ۾ 26، حيدرآباد ۾ 24، ٽنڊو الهيار ۾ 21، جيڪب آباد ۾ 19 ۽ بدين ۾ 18، ڪشمور ۾ 14، عمرڪوٽ ۾ 11، شهيد بينظير آباد ۾ 10، سکر ۽ نوشهروفيروز ۾ 7-7 ۽ سجاول ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آھن. وڏي وزير مراد علي شاهه اعتراف ڪيو آهي ته صوبي۾ ڪرونا جون ٽيسٽ گھٽجي ويون آهن، جيڪا ڳالهه خطرناڪ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جو ويزن، خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش

سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *