سوات (سنڌسماءَچار مانيٽر نگ) سوات ۾ پاڪ فوج جي اسپورٽس يونٽ ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ هڪ آفيسر سميت 11 جوان شهيد ۽ 13 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آحي ته، سوات جي ڪبل جي علائقي شريف آباد ۾ موجود آرمي يونٽ جي اسپورٽس ايريا تي ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا، جڏهن ته زخمي ٿيلن کي اسپتال نيو ويو هو، جتي ٻين اهلڪارن به زخمن جي سٽ نه سهندي شهادت ماڻي ورتي آهي. آءِ ايس پي آر 11 سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي. ميجر جنرل آصف غفور موجب ڪبل ۾ آرمي يونٽ جي اسپورٽس ايريا ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ 11 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته 13 زخمي آهن.
Tags Captain among 11 security personnel martyred in Swat suicide attack
Check Also
سنڌ حڪومت جون 50کان وڌيڪ گاڏيون غيرواسطيدار ماڻهن حوالي
سنڌ حڪومت جون پنجاهه کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون ايم پي ايز، ڪامورن ۽ بااثر سياسي …