Tuesday , April 1 2025
Breaking News

سياري جو مينهن: ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ جي ماهوار70لک بجيٽ پڌري ٿي پئي

ٽائون ڪميٽي جا چونڊيل عوامي نمائندا ۽ انتظاميا شهر کي بهتر سيوريج نظام به نه ڏئي سگهي

پڪاچانگ(رپورٽر   سنڌسماءَچار) خيرپور ضلعي جي تعلقي فيض گنج جو هيڊڪوارٽر ۽ تاريخي شهر پڪاچانگ ۾ ٽائون ڪميٽي پاران ڪرايل ترقياتي ڪم پڌرا ٿي پيا آهن، سياري جي پهرين مينهن دوران شهر جي اڪثر روڊن، گهٽين ۽ مک چوڪ تي مينهن جو پاڻي بيهجي ويو. 50 هزار کان لوڌيڪ آبادي وري شهر ۾ ٽائون ڪميٽي پاران سيوريج جو نظام بهتر نه ڪري سگهڻ سبب شهر گندي پاڻي جي ورچڙهي ويو آهي، اڳ ۾ ئي صفائي سٿرائي نه هجڻ ۽ وري مينهن پوڻ کان پوءِ 70 لک رپين جي ماهوار بجيٽ واري ٽائون ڪميٽي ۾ ترقياتي ڪمن جون دعوائون ڪندڙ عوامي نمائندن جا اڇا چٺا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. ٽائون انتظاميا ۽ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن شهر ۾ گندي پاڻي جي نڪيال جو به بهترنظام نه جوڙي سگهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *