سچي سنڌ پرست، سينئر صحافي، اديب، شاعر، تاريخدان ۽ ٽيھن تاريخي ڪتابن جي تخليقڪار اڳوڻي سينيٽر يوسف شاھين سنڌي قوم جي نالي کليل خط
ڏوھي منھنجي ڏيھ جا،
صاحب ٿيا سيئي،
ڪيان _ھت ڪيھي،
ڳالھ سَندي سُورَ جي.(يوسف)
جڏهن دادرسي نه ٿئي ۽ حق پلئہ نہ پُون تہ پوءِ احتجاج ڪرڻ فرض ٿئي ٿو.احتجاج نہ ڪرڻ گناھ برابر آھي.آئون يوسف شاهين اھڙن ظالم ماڻھن جي گھيري ۾ ڦاسجي پيو آھيان،جيڪي ”ضمير ۽ _جسم“ جا سوداگر آھن.1996ع کان ويندي اڄ تائين 28 سال گذري ويا آھن ھڪڙو شخص مونکي ڏنگڻ نٿوڇڏي.ٿاڻي بولاخان جي چانورن جي ھندو واپاري سريش ڪمار کان منھنجي نوري آبادوارين ٻن زمينن تي قبضو ڪرايو ويو آھي.ھن شخص 1800 ايڪڙن کان وڌيڪ ھتي سپر ھائي وي جي زمين والاري آھي.انھيء کان اڳ ھن ظالم منھنجون ٻئي اخبارون انگريزي اخبار سنڌ ٽربيون ۽ سنڌي روزانا “برسات” زوريءَ تباھ ڪيون،جنھن جو ايڊيٽرقومي شاعر شيخ اياز ھو.انھن اخبارن کي بچائڻ لاءِ مون سکر ۾ پنهنجو وڏو انڊسٽريل پلاٽ وڪيو،نصرپور شھر لڳ زمين وڪڻي ڇڏي,حيدرآباد جي آفيس،گولاڙچيءَ واري زمين وڪي ۽ ھاڻ ڪراچي واري برسات جي آفيس کپائي رھيو آھيان جنھن ۾ گذريل 32 سالن کان رھان ٿو.
پر آئون پنھنجون اخبارون بچائي نہ سگھيس.معياري اخبارون وڏا خرچ گھرن ٿيون.ھي ڪير ماڻھو آھي جيڪو سنڌي صحافت کي اُسرڻ نہ ٿو ڏئي؟اسين ڄاڻون ٿا تہ اھي ماڻھو شھيد ڀُٽي ۽ شھيد بي بيءَ جي نالي تي ووٽ وٺي اقتدار حاصل ڪن ٿا.انھن کي سنڌ جي غريبن،مسڪينن،محتاجن ۽ بيواھ عورتن کان ووٽ وٺڻ جو فن بہ اچي ٿو.اڌ سنڌ جي آبادي غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري ٿي،جن کي ڀِنڀلائي ڀَت جي پليٽ تي ووٽ لاءِ راضي ڪري وڃن ٿا. جنھن جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو سنڌ ۾ نوڪريون وڪامن ٿيون، داخلائون وڪامن ٿيون،بدليون وڪامن ٿيون،ھر شئي وڪري ھيٺ آھي.مائرون پنھنجي بيروزگار پڙھيل ڪڙھيل پٽن کي نوڪري ڏيارڻ لاءِ پنھنجا زيور يا جايون جڳھيون کپائين ٿيون.ھي ڪھڙا سنڌي آھن جن سنڌي قوم جي روح،ڪردار ۽ اخلاق کي مجروح ڪري ڇڏيو آھي.سنڌ جي ڌاڙيلن وٽ بہ ڪي اصول ھئاجيڪي چاچا، ماما ۽ ادا چوڻ تي ڌاڙو ھنيل مال واپس ڇڏي ھليا ويندا ھئا.قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر محترمه فھميدہ مرزا ھڪ انٽرويو دوران چيو تہ ھي ماڻھو سنڌين کي پنھنجو ”غلام“ سمجھن ٿا.ڪنھن کي دانھن ڏجي؟حيرت آھي تہ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو تي ڪرپشن جا الزام ڇو لڳا؟.
اصل ۾ ڪرپشن ڪنھن ڪئي؟ ھنن بي حساب ڪرپشن ڪري بي بي شھيد کي ڪرپشن جي الزام ھيٺ بدنام ڪيو،جيڪا نہ فقط سنڌ،پاڪستان ۽ مسلم ورلڊ جي پھرين عظيم عورت وزيراعظم ھئي ۽ جنھن جي ھڪڙي جھلڪ ڏسڻ لاءِ يورپ ۽ امريڪا جا اڪابر ۽ اڳواڻ رستن تي بيھي رھندا ھئا. ھوءَ مون کي پنھنجو سڳو ڀاءُ سمجھندي ھئي.محترمہ جي حڪم تي آئون پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيس، پر رڳو ھڪڙي ڏينھن لاءِ!ڇاڪاڻ تہ ٻئي ڏينھن تي شھيد بي بيءَ جو اھوفيصلو رد ڪيوويو.فقط ان اصول تي عمل ڪيو ويو تہ جيڪي بي بي شھيد جي ويجھو آھن اھي سڀ “وڏي صاحب” جا دشمن آھن.
ھنن جو وڏو صاحب طاقت جي نشي ۾ ڌت آھي.نواز شريف کي نيٺ سمجھ آئي ۽ ھن ٻين کي وارو ڏنو،پر ھي شخص جان ئي نٿو ڇڏي.ائين لڳي ٿو ڄڻ تہ پيپلز پارٽي ھن ئي ٺاھي ھئي،ھي اصل وارثن کي وارو ئي نٿو ڏئي ڇاڪاڻ تہ ھن ڄامڙي کي ڄاموٽ ٿيڻ جو جنون ويٺل آھي جيڪو ڪڏھن ٽوپيون ڦيرائي ٿو،ڪڏھن اھڙي ماڻھوءَ کي نائب وزيراعظم ٺاھي ٿو جنھن لاءِ بي بي شھيد لکيو ھو تہ ھو منھنجو قاتل آھي.دولت جي حوس سبب ھن يوسف رضا گيلانيءَ کان ويندي ايم بي عباسيءَ تائين ڪيترين ئي اھم شخصيتن کان غلط ڪم ڪرايا ۽ انھن جون زندگيون تباھ ڪري ڇڏيون.ھن فرحت الله بابر کان ان ڪري سينيٽرشپ ڦري ورتي جو فرحت صاحب ڪنھن سان انساني ھمدرديءَ جو اظھار ڪيو.
ھو انتھائي باوقار ۽ باڪردار شخص ھو جنھن سدائين ھنن سان ساٿ نڀايو ۽ بي بي شھيد جو خاص معاون ھو.
ھي شخص ائين ظاھر ڪري ٿو ڄڻ تہ ھن جي ڪا لاٽري نڪتي آھي. قربانيون ھڪڙن ڏنيون،کٽيو ھي ٿو کائي.ھي جوان عورتن کان مني لانڊرنگ ڪرائيندي شرم محسوس نٿو ڪري.ھيءَ ڪھڙي راند آھي جو سنڌي اخبارن کان اشتھارن جي عيوض 50 سيڪڙو ڪميشن طلب ڪئي وڃي ٿي؟سموري سنڌي صحافت تباھ ڪئي وئي آھي. انفارميشن جي اھم ڪامورن کان اھڙا ڀُڏا ڪم ڪرايا ويا جيڪي 2 سال جيل ڪاٽي وري ساڳئي ڌنڌي سان لڳي ويا آھن.اسان جا وڏا صحافي اردو/انگريزي صحافت ڏانھن ھليا ويا آھن.آئون پڇان ٿو ھنن ماڻھن جو پيٽ ڪڏھن ڀربو؟ھي شخص جيڪو ڪرپشن جي فن ۾ ماھرآھي،سو ھاڻي پاڻکي سقراط ۽ بقراط سمجھي ٿو.جيڪو ھاڻ تمام طاقتور ٿي ويو آھي،جنھن کي ماڻھو مارائڻ جو فن بہ اچي ٿو. شيخ رشيد جنھن وقت پاڪستان جو وزيرداخلا ھو ان وقت ھن چيو تہ آئون سنڌ ڪونه ويندس مون کي اھو شخص مارائي ڇڏيندو. شيخ رشيد کي انٽيليجنس اداري اھڙي رپورٽ ڏني تہ ھو شخص پاڻ وٽ ڪرائي جا قاتل رکي ٿو.ھن جا پاليل وڪيل آرام سان کيس ڇڏائي وڃن ٿا.خبر نٿي پوي تہ ھي شخص آھي ڇا؟آئون ھن کان ھي سوال ورجايان ٿو:
ڪانئر ڪوجھا،آھين تون ڪير؟
تنھنجي مَنَ جي مير،
ڌوٻين کان نہ ڌوپجي.
يوسف شاهين