سينيئر وزير(مُنو وڏو وزير) مسٽرشرجيل انعام ميمڻ کي مبارڪون- اصغر آزاد

شرجيل ميمڻ کي سڀني مبارڪون ڏنيون آهن ته ڀلا مان به مبارڪون ڏيان-اصغر آزاد

سينيئر وزير (مُنو وڏو وزير) مسٽرشرجيل انعام ميمڻ صاحب اوهان جي مهرباني ۽ اوهان کي مبارڪون

سينيئر وزير (مُنو وڏو وزير) مسٽرشرجيل ميمڻ؛ اوهان جون لک ڀلايون جو اوهان ڪسمپرسيءَ ۾ چُڙي چُڙي لاڏاڻو ڪري ويل سينيئر صحافي حميد سنڌوءَ جو جسد خاڪي اباڻي ڳوٺ کڻائي وڃڻ لاءِ سرڪاري ايمبولينس (ريسڪيو 1122) جي سهولت ڏني، ان سان گڏ مرحوم حميد سنڌو جي گهر ڀاتين کي کڻي وڃڻ لاءِ به هڪ گاڏيءَ جو بندوبست ڪيو، ان سان گڏ مالي مدد طور ڪجهه روڪ رقم جي به عنايت ڪئي.

 

سينيئر وزير (مُنو وڏو وزير) مسٽرشرجيل ميمڻ؛ اوهان جون لک ڀلايون جو اوهان ڪسمپرسيءَ ۾ چُڙي چُڙي لاڏاڻو ڪري ويل سينيئر صحافي حميد سنڌوءَ جو جسد خاڪي اباڻي ڳوٺ کڻائي وڃڻ لاءِ سرڪاري ايمبولينس (ريسڪيو 1122) جي سهولت ڏني، ان سان گڏ مرحوم حميد سنڌو جي گهر ڀاتين کي کڻي وڃڻ لاءِ به هڪ گاڏيءَ جو بندوبست ڪيو، ان سان گڏ مالي مدد طور ڪجهه روڪ رقم جي به عنايت ڪئي. مسٽر سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صاحب؛ اوهان جي ۽ سنڌ انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ويٺل سمورن ڪامورن جي وڏي مهرباني. جو اوهان لاش گهرن تائين پهچائڻ ۾ دل کولي مدد ڪئي، اوهان/سنڌ حڪومت مان اهڙي ئي سهڪار، همدردي، وقت تي ڪم اچڻ جي اميد رکون ٿا ته سنڌي ميڊيا جي صحافين/ ورڪرن (ورڪر خاص طور اُهي جيڪي آفيسن اندر/ ڊيسڪ تي ڪم ڪن ٿا جن ۾ ٽيڪنيڪل اسٽاف به شامل آهي، نيوز ڊيسڪ تي ڪم ڪندڙ خاص طور اسڪرپٽ ايڊيٽريا سب ايڊيٽرجن اسان جا رپورٽر دوست “ٽڪي جا اسڪرپٽ ايڊيٽر چوندا آهن جيڪي لفظ ڪيترائي ڀيرا ڪنن سان ٻڌا آهن) جي اهڙي ئي مدد ڪندا رهندا.

اهڙي مدد ڪرڻ کانپوءِ صحافين جي هڪ برگيڊ دُهل دمامن سان اوهان جي اهڙي عمل جي تعريف لاءِ ميدان نڪري پوندي ۽ لاڏاڻو ڪري ويل جو اڌ قصو ته اُتي ختم ٿي ويندو، باقي اڌ ٽيجهي کانپوءِ پورو، ها باقي اوهان جي اهڙي حاتم طائي وارو عمل پيو ڳائبو.

مسٽر سينيئر منسٽر شرجيل انعام ميمڻ صاحب، اهڙن صحافين/ ميڊيا ورڪرن کي مهڻا ملندا آهن ته اوهان اردو يا انگريزي ميڊيا ۾ ڪم ڇو نه ٿا ڪيو، ڇو ويٺا آهيو اتي، اوهان نااهل آهيو، اهڙا مهڻا ڏيندڙ اڪثر رپورٽر هوندا آهن، جن جون الائي ڪيتريون ئي تنظيمون به ٺهيل آهن، جن کي اوهان جون اسپيشل گرانٽس به ڏيندا آهيو، انڪري اوهان عظيم انسان، درد رکندڙ دل وارا سينيئر منسٽر آهيو، اوهان کي لک سلام ڪجن تڏهن به اهي ٿورا آهن.

مسٽر سينيئر وزير صاحب؛ ميڊيا ورڪرز جي عام ڀلائي، بهتري ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اوهان جي ڏينهن رات ڪوششن جي جيتري ساراهه ڪجي گهٽ آحي، گهٽ ڇا نه هجڻ جي برابر آهي؛ مثال طور اوهان صحافين/ ميڊيا ورڪرز کي بنيادي پگهار جيڪا اوهان يعني سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل آهي اها ڏيارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا آهيو، پگهارن ۾ دير ٿيڻ ئي ناهيو ڏيندا، پهرين تاريخ يا ڪنهن به ميڊيا هائوس پاران مقرر ڪيل تاريخ تي رات 12هين وڳي تاريخ تبديل ٿيڻ شرط اڪائونٽ ۾ اچي ويندي آهي. اوهان / سنڌ حڪومت وٽ سرڪاري مقرر ڪيل پگهارون ڏيڻ جي جاچ پڙتال جو نظام به اوهان بهترين آهي، ورڪرز ويلفيئر لاءِ انهن ميڊيا هائوسز جو ڌار فنڊ رکيل آهي؛ جناب اعليٰ شرجيل انعام ميمڻ صاحب اهو سنڌ حڪومت خاص طور اوهان جي ذاتي اڻٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي، ميڊيا ورڪرز جي اولاد جي تعليم لاءِ ته سنڌ حڪومت يعني اوهان جو کاتو ۽ سوشل ويلفيئر کاتو تمام گهڻا فنڊ خرچ ڪري رهيو آهي، پوءِ ڇو نه اوهان جي تعريف ٿيڻ گهرجي، جيڪا ٿي رهي آهي اها ته اَٽي ۾ لوڻ جي برابر به ناهي، اسان کي اميد آهي ته اوهان جا ڀائرن جهڙا دوست صحافي هاڻي اوهان جي ۽ سنڌ حڪومت جي تعريف ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪندا.

مسٽر سينيئر منسٽر شرجيل انعام ميمڻ صاحب؛ اوهان اخبارن جي آڊٽ بيور آف سرڪيوليشن / اي بي سي لاءِ اپلاءِ ڪرڻ واري طريقيڪار ۾ ٻين گهرجن سان گڏ ملازمن جي پگهارن وارا ڪاڳر پٽ به ڏٺا هوندا، ڏسو نه ملازمن جون پگهارون ڪيڏيون نه زبردست آهن، هي ميڊيا  ورڪر اجايو دانهون ڪندا آهن، مالڪن کي لوئيندا رهندا آهن، اجائي واويلا ڪن ٿا ورڪر، اهڙن ورڪرن خلاف ته قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

سينيئر منسٽر صاحب؛ اوهان جن جن صحافتي تنظيمن کي سرڪاري فنڊزجاري ڪيو ٿا، اُهي ته زبردست ڪم ڪن ٿيون، اُهي تنظيمون پنهنجي (ضرورتمند) ميمبرن جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ سان گڏ انهن جون سالگراهون به پابندي سان ملهائين ٿيون، ڇا ته شاندار ڪم ڪري رهيون آهن اُهي تنظيمون، هاڻي انهن لاءِ  به انعام اڪرام رکو، گرانٽس وڌايو، انهن کي گاڏيون به وٺي ڏيو جيئن ڏورانهن علائقن مثال طور، ٿر، ڪارونجهر، ڪينجهر، گورک هل، هاليجي ڍنڍ، ڪوهه مري، اسلام آباد جهڙن پٺ تي پيل علائقن ۾ وڃي صهافين/ ميڊيا ورڪرن جي سار سنڀال لهن.

ويندي ويندي اهو به ٻڌائيندو هلان ته اوهان جي سنڌ انفارميشن کاتي جا آفيسر صاحبان ايترا ته محنتي آهن جونچوويهه ڪلاڪ سوش: ميڊيا تي نظر رکيون ويٺا آهن يا  وري سندن ڀائرن جهڙن صحافي دوست اوهان جي خلاف ۽ تعريف ۾ لکجندڙ ٻه اکر به اسڪرين شاٽ وٺي شيئر ڪندا آهن، جنهن جي بنياد تي اشتهارن کان ويندي ٻين ضرورتن جي پورائي جو خيال رکيو ويندو آهي، مان اهڙن صحافين ۽ آفيسرن کي به سلام پيش  ڪيان ٿو.

عالي جناب، سمورين تعريفن جا حقدار سينيئر منسٽر (مُنو وڏو وزير) شرجيل انعام ميمڻ صاحب، اوهان جي خدمتن جي ڳاڻيٽي ۽ اوهان جي تعريف ۾ ڪي لفظ رهجي ويا هجن ته درگذر ڪري ڇڏجو.

نوٽ: هاڻي گهڻا ڀائرن جهڙا دوست به چوندا جيڪو بهتر عمل ٿيو ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي…

جيڪو به ائين چوي انهن لاءِ صرف ايترو چوندس ته انهي موقف جي بدلي

منهنجي طرفان بنا چوڻ جي ”اڻ چيو سمجهي وڃون“

About admin

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

One comment

  1. ✌️

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *