دادو : جوهي مان حراست ۾ ورتو شڪي جوابدار
سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي مزار ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، رينجرز ۽ پوليس سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايون ڪندي دهشتگردن جي سهولتڪاري جو شڪ هجڻ جي بنياد تي 70 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ڪارروايون سڪرنڊ، محراب پور، خيرپور، جوهي ۽ ڏوڪري سميت مختلف علائقن ۾ ڪيون ويون آهن.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خيرپور ضلعي جي هڪ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عبدالحفيظ بروهي نالي همراهه سميت 3 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل حفيظ بروهي جو واسطو شڪارپور ضلعي سان آهي، جيڪو شڪارپور ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگرد ٽولي جو ساٿي آهي ۽ هو سيوهڻ ڌماڪي ۾ آپگهاتي بمبار جي ۽ ان ئي نيٽ ورڪ جو سهولتڪار آهي.
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دادو ضلعي جي جوهي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي حبيب الله ۽ عزيز الله جمالي سميت 3 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب جوهي مان گرفتار ڪيل ٽنهي ڄڻن تي به دهشتگردن جي سهولتڪاري جو الزام آهي.
دادو ۽ خيرپور کانسواءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن نوابشاهه جي سڪرنڊ ۽ نوشهروفيروز جي محراب پور وارن علائقن ۾ به ڪاروايون ڪيون آهن، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن علائقن مان به ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جن مٿان دهشتگردن جي سهولتڪار هجڻ جو شڪ آهي.