سيوهڻ: سنڌ جَي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چوڌري نثار کي ناڪام گهرو وزير قرار ڏيندي چيو آهي ته چوڌري نثار، نواز شريف جو به خيرخواهه ناهي، پاناماليڪس ڪيس عدالت ۾ آهي ۽ عدالت ئي ان جو فيصلو ڪندي. سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ ننگر خان بروهي ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي وڏي وزير چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته چوڌري نثار هڪ ناڪام گهرو وزير آهي، جيڪو وزير اعظم نواز شريف جو به خيرخواهه ناهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاناماليڪس ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي ۽ عدالت ئي ان جو فيصلو ڪندي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر آهي، دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي شڪست ڏينداسين. سيد مراد علي چيو ته سنڌ ۾ آدمشماري جي حوالي سان عوام کي آگاهي ڏني پئي وڃي، ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪندس. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ بيروزگاري گهڻي آهي ۽ نوڪريون گهٽ آهن، نوجوانن کي روزگار لاءِ انڊسٽرين جو به رخ ڪرڻ گهرجي
Tags chaudhary nisar murad ule Sahh
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …