Tuesday , April 1 2025
Breaking News

سيڪريٽري تعليم، تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪيل 130 هيڊماسترن جا ڪاغذ پٽ اڻپورا قرار ڏئي آفر آرڊر روڪي ڇڏيا

education department

تعليم کاتي پاران 130 هيڊماسترن ۽ هيڊماسترياڻين جا دستاويز اڻپورا هجڻ سبب آفر آرڊرز روڪي ڇڏيا آهن، سيڪريٽري تعليم جو چوڻ آهي ته اميدوار آگسٽ مهيني کان پهريان ايڊيشنل سيڪريٽري لا سان رابطو ڪري دستاويز مڪمل ڪرائين.

تعليم کاتي جي سيڪريٽري پاران ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ هزار 39 هيڊ ماسترن ۽ هيڊ ماسترياڻين کي جاري ڪيل مان 130 جا آفر آرڊر مختلف سبب ڄاڻائي روڪيا ويا آهن.

تعليم کاتي جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ هڪ هزار 39 اميدوارن کي آفر آرڊرز جاري ڪيا هئا، جن مان 130 اميدوارن جا آفر آرڊرز روڪيا ويا آهن.

سيڪريٽري تعليم جو چوڻ آهي ته اميدوارن جا آفر آرڊرز سندن بائيو ميٽرڪ ٿيل نه هجڻ، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيا دستاويز اڻپورا هجڻ سبب روڪيا ويا آهن.

سمورا اميدوار ايڊيشنل سيڪريٽري لا سان رابطو ڪري ٻن مهينن اندر پنهنجا سمورا پنهنجا رهيل ڪاغذ پٽ مڪمل ڪرائي سگهن ٿا……

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *