Tuesday , April 1 2025
Breaking News

سُڌسماءَ واري کاتي ۾ پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن، ميڊيا جي ادرن جي مالڪن ۽ صحافين کان به جاچ جو فيصلو: ذريعا

ڪراچي (سنڌ سماءَ چار نيوز) 6 ارب 70 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ سنڌ جي زخاني هنيل کاٽ ۾ ڪيترائي صحافي ۽ ميڊيا جا ادارا به ملوث هجڻ جي شڪ ۾ جاچ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ سماءَ چار کي اعبار جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، ڪرپشن جي ڪيسز ۾ گرفتار ٿيل اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، اشتهاري ڪمپني اورينٽ مالڪ، ڪجھ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن کان نه پڇاڳاڇا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، سڌسماءَ/اطلاعات کاتي ۾ ٿيل ڪرپشن ۾ جيڪا گهوٻيون هنيو ويون آهن، اهي 90 سيڪڙو اشتهارن جي مد ۾ آهن. انهن اشتهارن ۾ انهن اشتهارن جي به وڏي رقم شامل آهي جي، بيڪ ڊيٽ (وقت گذري وڃڻ باوجود بعد ۾ پراڻين تاريخن ۾ اشتهار ڇپرائڻ) جا اشتهار به شامل آهن. سنڌ سماءَ چار کي مليل ڃاڻ مطابق ان معاملي جي به جاچ ڪئي ويندي ته، انهن اشتهارن جي رقم ڪيئن ۽ ڪنهن جي معرفت جاري ڪئي وئي.

اشتهارن جي ڇپرائڻ ۽ ڇاپڻ بابت سنڌ سماءَ چار کي ذريعن ٻڌايو ته، سڌ سماءَ واري کاتي پاران صحافين کي مختلف مدن ۾ مدد جي نالي تي جاري ڪيل رقم جي به جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.صحافين جي مدد جي نالي تي جاري ڪيل رقم جو وڏو حصو اهڙن ماڻهن جي نالن تي به جاري ڪيو ويو آهي، جن کي اُها رقم ڏني ئي ناهي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *