اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ) توهين مذهب الزام هيٺ سزا مليل آسيه بي بي کي مليل سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي،چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ قائم سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني خاص بئنچ 15 هين آڪٽوبر تي اپيل جي ٻڌڻي ڪندي. ڊان ڊاٽ ڪام مطابق سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پنهنجي سربراهي ۾ جسٽس آصف سعيد کوسه ۽ جسٽس مظهر عالم خان تي ٻڌل ٽن ججز واري بئنچ جوڙيندي آسيه بي بي جي اپيل تي ٻڌڻي لاءِ بئنچ قائم ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڙيل بئنچ 15 هين آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. واضع هجي ته آسيه بي بي کي 2010 ۾ توهين مذهب (اسلام) جي الزام ۾ لاڳاپيل عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي. آسيه ۽ سندس وڪيلن جو موقف هو ته، جنهن آسيه تي توهين مذهب جو الزام هنيو هو ان جو ساڻس ذاتي تڪرار هو ۽ اها هن کان بغذ ( نفرت/ ساڙ) ڪندي هئي. آسيه بي بي تي الزام هو ته هُن جون 2009 ۾ هڪ عورت سان جهيڙي دوران توهين مذهب ڪئي هئي.
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …