Wednesday , January 22 2025

سپريم ڪورٽ: سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ، سني اتحاد ڪائونسل پاران مخصوص سيٽن بابت اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، فيصلو جلد ٻڌائڻ جو امڪان، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بئنچ، سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي2023جي عام چونڊن بعد مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواست تي سني اتحاد ڪائونسل ۽ حڪومتي ويڪلن جا دليل مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته، ٻڻهي ڏرين جا دليل ٻڌا آهن، ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪجي ٿو؛ چيف جسٽس چيو ته في الحال اهو ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ته  فيصلو ڪڏهن ٻڌايو ويندو.

اڄوڪي ٻڌڻي دوران جيئن ئي چيف جسٽس ڪارروائي  شروع ڪئي ته ٻڌڻي جي شروعات تي سُني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته، آرٽيڪل218تحت ڏسڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي مرضي تي پورو لهي ٿو شفاف طريقي سان ذميواري يا نه؟ اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ناهي ڪئي؟ هي ڪيس صفا سادو ۽ آهي ته سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ٿيون ڏئي سگهجن. هن چيو ته هِتي سرڪار پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته سني اتحاد ڪائونسل چونڊن ۾ حصو نه ورتو، لسٽ جمع نه ڪرائي.

ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته، ڇا بلوچستان عوامي پارٽي جي مخصوص سيٽن تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو؟ وڪيل فيصل صديقي چيو ته اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ها ته غلطي ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن اهڙو رويو اختيار ڪيو ڄڻ بلوچستان عوامي پارٽي بابت فيصلو ئي نه هجي.

About admin

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *