اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري معاملي ۾ پرويز مشرف جي پٽ بلاول، سندس ڌيءُ عاليه ۽ ناٺي عاصم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، 11 جولاءِ تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم، نيب پرويز مشرف ۽ سندس گهر واريءَ کي 10جولاءِ تي پيش ٿيڻ لاءِ سمن جاري ڪري چڪي آهي. نيب راولپنڊي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي پٽ بلال، سندس ڌيءُ ۽ ناٺي کي نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪري ورتو. ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب نيب راولپنڊي ۾ ڪرپشن ۽ اربين رپين جا اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نيب راولپنڊي جي جاچ آفيسر ملڪ زبير ٻڌڻي دوران پرويز مشرف جي ڪٽنب کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو. نيب راولپنڊي پاران اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي پٽ بلال، ڌيءُ عائله ۽ ناٺي عاصم کي 11 جولاءِ تي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ سمن جاري ڪيو ويو. نيب پرويز مشرف ۽ سندس گهر واريءَ کي 10جولاءِ تي پيش ٿيڻ لاءِ اڳ ئي سمن جاري ڪري چڪو آهي.
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …