سچل ڳوٺ مان سوا مهينو اڳ مبينا طور کنڀيل نوجوان جو پتو نه پيو، وارثن جو احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) ڪراچي جي سنڌي وسندي سچل ڳوٺ مانلڳ ڀڳ سوا مهينو اڳ مبينا طور تي کنڀي گم ڪيل نوجوان  خليق جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو. سندس بازيابي لاءِ وارثن ۽ علائقي واسين ڪراچي پرس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو؛ جنهن ۾ گم ڪيل نوجوان جي  زال، امڙ ۽ معصوم ٻارڙن به شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 16 ڊسمبر تي صبح سوير وردي پهريل اهلڪارن خليق هڪڙو کي گهران کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙن ۽ نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته، مختلف هنڌن تان ڳولا باجود خليق جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي. هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر نوجوان جو ڪو پتو نه هجڻ ڪري گهر وارا سخت پريشاني ۾ ورتل آهن، سندس امڙ بيمار ٿي پئي آهي، هنن چيو ته نوجوان خليق جو نه ته ڪنهن سياسي پارٽي سان واسطو آهي، نه وري ڪنهن غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث آهي، هو قمبر کان روزگار لاءِ ڪراچي آيو هو جيڪو پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪند هو، هنن چيف جسٽس کان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته جيڪڏهن خليق ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته کيس جلد ظاهر ڪري عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *