ڪراچي:ايف ٽي سي بلڊنگ ۾ لڳل باهه جو منظر – سنڌسماءَچار فوٽو
ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي مصروف روڊ شاهراهه فيصل تي قائم فنانس اينڊ ٽريڊ سينٽر (ايف ٽي سي) جي عمارت ۾ باهه لڳي وئي آهي، جنهن ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ضابطو اچي ناهي سگهيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب ڪجهه سرڪاري ۽ نجي ادارن جي آفيسزکي نقصان رسيو آهي. www.sindhsamaachar.com جي اطلاعن مطابق عمارت ۾ باهه ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات و لڳ ڀڳ ڏيڍ وڳي ڌاري لڳي هئي، جنهن کي شروعاتي طور عمارت جي انتظاميه پاران وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ناڪامي تي لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ دير سان فائربرگيڊ کي طلب ڪيو ويو. فائربرگيڊ پاران شروعاتي طور تي 2 گاڏيون اماڻيون ويون جيڪي باهه وسائي نه سگهيون آهن، باهه هن وقت پوڻين ٽي وڳي رات جي به وسامجي ناهي سگهي. انتظاميه فائر برگيڊ ۽ واٽر ٽئنڪر طلب ڪيا ويا آهن، جيڪي اڃا سوو نه پهچي سگهيا آهن.
