ملير( رپورٽر سنڌسماءَچار) ملير ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ آصف اڪبر شاهه لطيف ٿاڻي تي ڇاپو هڻي مبينا طور باندي بڻايل ملير بار جي نائب صدر ۽ سينيئر وڪيل سڪندر شر کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، مئجسٽريٽ پاران ايس ايڇ او شاھ لطيف کي رڪارڊ سميت عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي. وڪيل اڳواڻن جي درخواست تي ملير ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ آصف اڪبر شاهه لطيف ٿاڻي تي ڇاپو هڻي وڪيل سڪندر شر کي بازياب ڪرايو. واقعي خلاف ملير بار جي وڪيلن ملير ڪورٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. وڪيلن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاھ لطيف پوليس بنا جواز ملير جي وڪيل اڳواڻ کي گرفتار ڪري مٿس ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي. هنن چيو ته پوليس گردي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ايس ايڇ او شاھ لطيف ٽائون جو چوڻ آهي ته لينڊ گريبر راجا آصف کي گرفتار ڪيو ھو جنھن تي 25 ايف آئي آرز داخل آھن جنهن کي ڇڏرائڻ لاءِ وڪيل رات جو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي ٿاڻي تي آيو. هن چيو ته وڪيل پوليس اهلڪارن سان بدتميزي ڪئي ۽ گھٽ وڌ ڳالھايو، جنھن کانپوءِ وڪيل اڳواڻ کي گرفتار ڪري ميڊيڪل ڪرايو ويو جنهن ۾ پڻ نشو ثابت ٿيو آھي. ايس ايڇ او موجب پوليس ڪو به غلط قدم نه کنيو آھي قانون جي دائري ۾ رھي قانوني ڪارروائي ڪئي وئي
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …