Wednesday , April 2 2025
Breaking News

شاگردياڻي فرزانا جمالي کي وي سي ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پاران هيسائڻ وارو معاملو

شاگردياڻي فرزانا جمالي کي وي سي ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پاران هيسائڻ وارو معاملو، فرزانا جو ڀاءُ ڪوڙن الزامن مان آجو قرار

نوابشاهه (سنڌ سماءَ ڍار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي فرزانا جمالي جي ڀاءُ تي دهشتگردي جا لڳايل الزام ڪوڙا ثابت ٿي ويا آهن، نواب شاهه جي عدالت ڌماڪي ڪيس ۾ فرزانه جمالي جي ڀاءُ سوڌو چئن جوابدارن کي آجو قرار ڏيندي ڪيس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت سيپٽمبر 2018ع ۾ گُدام ڀرسان ٿيل ڌماڪي جي ڪيس تي ٻڌڻي بعد فيصلو جاري ڪيو آهي. عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدار فرزانه جمالي جي ڀاءُ زوهيب جمالي، محمد عارف پنهور، هارون عرف شمن پنهور ۽ نادر ڀنگوار کي الزامن کان آجو قرار ڏيندي بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جوابدارن خلاف خلاف داخل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *