شاگردياڻي فرزانا جمالي کي وي سي ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پاران هيسائڻ وارو معاملو

شاگردياڻي فرزانا جمالي کي وي سي ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پاران هيسائڻ وارو معاملو، فرزانا جو ڀاءُ ڪوڙن الزامن مان آجو قرار

نوابشاهه (سنڌ سماءَ ڍار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي فرزانا جمالي جي ڀاءُ تي دهشتگردي جا لڳايل الزام ڪوڙا ثابت ٿي ويا آهن، نواب شاهه جي عدالت ڌماڪي ڪيس ۾ فرزانه جمالي جي ڀاءُ سوڌو چئن جوابدارن کي آجو قرار ڏيندي ڪيس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت سيپٽمبر 2018ع ۾ گُدام ڀرسان ٿيل ڌماڪي جي ڪيس تي ٻڌڻي بعد فيصلو جاري ڪيو آهي. عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدار فرزانه جمالي جي ڀاءُ زوهيب جمالي، محمد عارف پنهور، هارون عرف شمن پنهور ۽ نادر ڀنگوار کي الزامن کان آجو قرار ڏيندي بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جوابدارن خلاف خلاف داخل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا هئا.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *