حيدر آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) حيدرآباد جي تڪ پي ايس 63 تي پ پ اميدوار شرجيل ميمڻ جي نامزدگي فارمن کي اپيليٽ ٽربيونل ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي،درخواستگذار جو چوڻ آهي ته اميدوار غلط تفصيل ڏنا، ان جي باوجود رٽرننگ آفيسر سندس فارم منظور ڪيا. درخواست گذار پير عمر جان سرهندي جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ نامزدگي جي فارمن ۾ غلط بياني ڪئي آهي،انڪري سندس فارم رد ڪيا وڃن. هن چيو ته شرجيل ميمڻ هڪ جاءِ تي ڏيڍ سو سون جي تولن جي قيمت هڪ رپيو ڄاڻائي آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ وٽ 400 تولا سون آهي،جنهن جي قيمت صرف3 لک رپيا ظاهر ڪئي وئي.اپيليٽ ٽربيونل کي استدعا ڪئي وئي آهي ته رٽرننگ آفيسر غيرقانوني طور تي شرجيل ميمڻ جا نامزدگي جا فارم درست قرار ڏنا ،جن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
Tags شرجيل ميمڻ جو400 تولا سون 3 لک رپين جو، الڪيشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …