Tuesday , April 1 2025
Breaking News

شهباز شريف جي ميمبرشپ ختم، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) اپوزيشن ليڊر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شهباز شريف جي ميمبر شپ ختم، سيڪريٽري قومي اسيمبلي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اپوزيشن ليڊر ۽ پي اي سي جي چيئرمين شهباز شريف جي ٽن اسٽينڊنگ ڪميٽيز مان ميمبرشپ ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن بعد ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. شهباز شريف قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ، قانون ۽ انصاف ۽ ڪشمير معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽيز جو ميمبر هو. شهباز شريف پاڻ اسپيڪر اسد قيصر کي درخواست ڪئي هئي ته انهن ڪميٽين مان سندس ميمبري ختم ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر شهباز شريف جي درخواست منظور ڪندي شهباز شريف جون درخواستون قبول ڪيون، جنهن بعد قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *