لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شهر لاڙڪاڻي ۾ قائم ڊينٽل ڪاليج ۽ ٽيچنگ اسپتال ۾ گذريل 3 هفتن کان او پي ڊي جي چئن شعبن جو سامان ۽ دوائون ختم ٿي ويون آهن، جنهن سبب غريب مريض ميڊيڪل اسٽورز تان دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه جي نالي تي قائم ڪيل بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج اسپتال ۾ دوائون مهيا ناهي ڪري سگهي. مريضن جو چوڻ آهي ته هر روز دوا لاءِ اسپتال اچون پيا پر دوائون نه هجڻ ڪري واپس وڃون ٿا. ڊاڪٽرن موجب سامان بابت شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي کي لکيو ويو آهي پر هن وقت تائين سامان ۽ دوائون ناهي مليو. ڊاڪٽرن چيو ته جيئن ئي سامان ۽ دوائون ملنديون مريضن کي ڏنيون وينديون.
Tags Aseefa bhutto zardari Sental college larkana
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …