شهيد جان محمد مهر جي قتل جي جاچ ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ حوالي

سکر ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار)شهيد جان محمد مهر جي بي رحماڻي قتل واري واقعي کي 20 ڏينهن ٿي ويا، سکر پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي جاچ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ جي ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ جي حوالي. 14 آگسٽ جي رات جي سکر شهر جي مصروف علائقي ڪوئينس روڊ تي دهشتگردن هٿان شيد ڪيل سينيئر صهافي جان محمد مهر جي قتل کي 20 ڏينهن  ٿيڻ باوجود سکر پوليس سندس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پوليس صرف ٽِن سهولتڪار کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڪَکُ ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

صحافي برادري پاران شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو هنيل ڌرڻي ۾ سنڌ حڪومت پاران قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن تي به عمل ناهي ٿي سگهيو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو هو ته، شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي به ٿيندي نظر ايندي، پر 5 ڏينهن گذرڻ باوجود شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ناهن ٿيا.

ٻئي پاسي گهرو کاتي شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي جاچ ڪائونٽرٽيررزم ڊپارٽمينٽ ( سي ٽي ڊي ) جي ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ کي ڪيس جي جاچ ٽيم جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ صحافي برادري مطالبو ڪيو آهي ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي انهن کي سزا ڏني وڃي.

About admin

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *