ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت سکر ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ڪيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي آءِ ٽي جو سربراهه مقرر. سنڌ حڪومت شهيد جان محمد مهر جي وارثن، صحافين جي تنظيمن ۽ صحافي برادري جي مطالبي تي سنڌ حڪومت جان محمد مهر جي قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ واري مطالبي تي جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، رينجرز، ايف آءِ اي، جا نمائندا شامل هوندا، جي آءِ ٽي ڪيس جي حوالي سان ڪنهن به وزارت، کاتي يا ڪنهن ٻئي اداري يا شخصيت کان معلومات وٺي سگهندي. جي آءِ ٽي 30 ڏينهن ۾ شهيد جان محمد مهر جي قتل جي جاچ ڪري رپورٽ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪندي.
Tags JIT
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …