Wednesday , January 22 2025

شهيد ذوالفقار ڀٽو بابت بيان؛ پيپلزپارٽي جو ايم ڪيو ايم کان معافي وٺڻ جو مطالبو

شهيد ذوالفقار ڀٽو بابت بيان ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم معافي وٺي: شرجيل ميمڻ/ ناصر شاهه

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر  سنڌسماءَچار) شهيد ذوالفقار ڀٽو بابت بيان ڏيڻ تي؛ پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم کان معافي وٺڻ ۽ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، ايم ڪيو ايم اڄ به پنهنجي ماضي واري نفرت ۽ نسل پرستي واري سياست ناهي ڇڏي، ٻوري بند لاش ڏيڻ هنن جي سڃاڻپ رهي آهي، ايم ڪيو ايم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف اڻوڻندڙ موقف اختيار ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم پنهنجي بيان تي معافي وٺي.

شرجيل ميمڻ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي وڌيڪ وکرڻ کان بچائي ملڪ ۽ قوم کي متحد ڪيو، شهيد ڀٽو ملڪ کي متفقه آئين ۽ ائٽمي طاقت بڻائڻ جو بنياد رکي پاڪستان کي ناقابل شڪست ملڪ بڻايو.

ايم ڪيو ايم جي نفرت واري سياست جو نتيجو اهو آهي ته هاڻي اها ايونين ڪائونسل سطح تي به نظر نه ٿي اچي، ممڪن آهي ته، ايم ڪيو ايم پاڪستان اڄ به ايم ڪيو ايم لنڊن جي اشارن تي هلي رهي آهي،  اسان نه ٿا چاهيون ته نفرت جي سياست کي وڌايون، ايم ڪيو ايم خلاف ڳالهائڻ لاءِ گهڻو مواد موجود آهي، پر اسان ان باوجود به نفرت جي سياست ڪرڻ نه ٿا چاهيون. خالد مقبول صديقي جي حيثيت ٻڙي پلس ٻڙي پلس ٻڙي برابر ٻڙي ئي آهي.

About admin

Check Also

اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا

خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *