شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو پٽ شاهه لطيف انياري ۽ ڊرائيور عاشق سيال گرفتار، قتل جو اعتراف، ايس پي هيڊ ڪوارٽرز حيدرآباد جي سربراهي ۾ پنج رڪني جاچ ڪميٽي قائم
حيدرآباد / بدين(خاص نمائندا سنڌسماءَچار) حيدرآباد ۾ قتل ڪيل سنڌ جي مزاحمتي قومي شاعر شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مڙهه هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي، سموري سنڌ سوڳ ۾ ورتل، شهيد آڪآش انصاري جو پٽ ۽ ڊرائيورگرفتار، قتل جو اعتراف. مزاحمتي، انقلابي، عشق، پيار جو شاعر حيدرآباد جي گهر ۾ قتل ڪيل شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو حيدر آباد سول اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد مڙهه سندس وارثن ۽ دوستن جي حوالي ڪيو ويو. شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو مڙهه حيدرآباد کان اباڻي شهر بدين نيو ويو. شهيد آڪاش انصاريءَ جي جنازي نماز قطر مسجد ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه درگاهه شيخ عمر قبرستان ۾ هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي جنازي نماز ۾ شاعرن، اديبن، صحافين، سياسي سماجي ڪارڪنن، مِٽَن مائٽن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل واري خدشي سبب ڪرايل پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ بعد پوليس ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پٽ شاهه لطيف انصاري ۽ ڊرائيور عاشق سيال کي گرفتار ڪيو ويو آهي. بدين پوليس ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري حيدرآباد پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊرائيور عاشق سيال قتل جو اعتراف ڪندي پوليس کي ٻڌايو آهي ته شاهه لطيف انصاري پنهنجي والد ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيو آهي.
شهيد ڊاڪثر آڪاش انصاريءَ جي قتل جو واقعو
حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي سٽيزن ڪالوني جي گهر ۾ شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي سندس دوست گهر پهتا، جن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پٽ شاهه لطيف انصاري کين فون تي اطلاع ڏنو ته، گهر ۾ ب اهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويو آهي، اهڙي اطلاع تي پهچي لاش اسپتال منتقل ڪرايو.
واقعي بابت ريسڪيو رضاڪارن جو چوڻ هو ته ڪمري ۾ هِيٽر هلي رهيو هو ۽ اها لڳل باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي هئي. ريسڪيو عملدرضاڪارن موجب، آڪاش انصاري جي پُٽ شاهه لطيف انصاري جيڪو باهه وسائيندي سڙي زخمي ٿين پيو هڳ ان کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو.
شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مڙهه اسپتال مان بنا پوسٽ مارٽم جي بدين کڻي وڃڻ لاءِ نيون ويو، پر پوءِ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ويجهن دوستن ۽ ڪجهه مائٽن جي اسرار تي پوليس مڙهه کي واپس اسپتال کڻي اچڻ لاءِ هدايتون ڪيون، جنهن بعد شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مڙهه واپس حيدرآباد سول اسپتال آندو ويو جتي شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ويجهن دوست وڪيلن، دانشورن ۽ ٻين جي موجودگي ۾ مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.
شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي ڪنڌ ۽ جسم جي ٻين حصن تي تشدد جا ڪيترائي نشان آهن، کيس پهريل شرٽ ۾ گاسيلٽ جي بوءِ موجود هئي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي جسم جا جزا، شرٽ وغيره فرانزڪ رپورٽ لاءِ ليبارٽري اماڻيا آهن، جن جي رپورٽ اچڻ بعد حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ موت جي اصل ڪارڻ جي خبر پوندي.