شيخ رشيد سنڌين کي بهارين سان ڀيٽڻ واري بيان تي سنڌي قوم کان معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي( بيورو چيف  سنڌسماءَچار) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سنڌين کي بهارين سان ڀيٽڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ بابت پنهنجي بيان تي معافي وٺي ڇڏي آهي، شيخ رشيد سنڌي ٽي وي چئنل ” ڪي ٽي اين نيوز “ جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته، ”مان اصل ۾ بنگالي ۽ بهاري چوڻ پئي چاهيو پر زبان تِرڪڻ سبب سنڌي چئجي ويو، منهنجو اهو مطلب هرگز نه هو”. شيخ رشيد وڌيڪ چو ته، سنڌ پاڪستان جي خالق، آءُ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ اهڙو سوچي به نه ٿو سگهان، ان باوجود منهنجي غلطي جيڪري سنڌين جي دل آزاري ٿي آهي ان تي آءُ معافي ٿو وٺان“.

وفاقي گهرو وزير آچر ڏينهن 11 اپريل تي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته ” وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته، ڪجهه قوتون ڪراچي ۾ سنڌين ۽ بهارين جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي مخالفت ڪري رهيون آهن“.

شيخ رشيد جو مڪمل بيان پڙهڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

https://sindhsamaachar.com/ur/%d8%b4%d9%8a%d8%ae-%d8%b1%d8%b4%d9%8a%d8%af-%d8%b3%d9%86%da%8c%d9%8a%d9%86-%da%a9%d9%8a-%d8%ba%d9%8a%d8%b1%d9%82%d8%a7%d9%86%d9%88%d9%86%d9%8a-%d8%aa%d8%b1%d8%b3%d9%8a%d9%84-%d8%a8%d9%87%d8%a7%d8%b1/

 

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *