تحريڪ انصاف جي حڪومت جي سنڌين خلاف سازش پڌري ٿي پئي، گهرو وزير سنڌين کي بهارين جي خاني ۾ رکي ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ غيرقانوني طور ترسيل بهارين جي خاني ۾ رکي ڇڏيو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته، ڪجهه قوتون ڪراچي ۾ سنڌين ۽ بهارين جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي مخالفت ڪري رهيون آهن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته، ڪراچي ۾ سنڌين ۽ بهارين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جا مخالف آهن، اُهي ڌريون اهي ئي ڌريون وري ڪراچي ۾ صرف سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جون مخالف آهن. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته، اهو معاملو منهنجي پهچ کان تمام گهڻو مٿي آهي مان ان بابت ڪو به فيصلو نه ٿو ڪري سگهان، هن معاملي تي مختلف اجلاسن دوران ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي. شيخ رشيد اعتراف ڪيو ته ان معاملي تي هُو ته ڪجهه ب ه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، وزيراعظم عمران ئي فيصلو ڪري سگهي ٿو جيڪو فيصلو وزيراعظم ڪندو ان تي ئي عمل ڪيو ويندو.
https://www.sindhsamaachar.com/ur/%d9%88%d9%81%d8%a7%d9%82%d9%8a-%d8%b3%d8%b1%da%aa%d8%a7%d8%b1%d8%a8%d9%86%da%af%d8%a7%d9%84%d9%8a%d9%86-%db%bd-%d8%a8%d8%b1%d9%85%d9%8a%d9%86-%da%a9%d9%8a-%d8%b3%da%83%d8%a7%da%bb%d9%be-%da%aa%d8%a7/
https://www.sindhsamaachar.com/ur/%d9%86%d8%a7%d8%af%d8%b1%d8%a7-%da%86%d9%8a%d8%a6%d8%b1%d9%85%d9%8a%d9%86-%d8%a8%d9%86%da%af%d8%a7%d9%84%d9%8a%d9%86-%db%bd-%d8%a8%d8%b1%d9%85%d9%8a%d9%86-%d8%b3%d9%85%d9%8a%d8%aa-%d9%bb%d9%8a%d9%86/
https://www.sindhsamaachar.com/ur/%D8%A7%D8%B3%D8%A7%D9%86-%D8%A8%D9%86%DA%AF%D8%A7%D9%84%D9%8A%D9%86-%DB%BD-%DB%BD-%D8%A8%D8%B1%D9%85%D9%8A%D9%86-%DA%A9%D9%8A-%D8%B3%DA%83%D8%A7%DA%BB%D9%BE-%DA%AA%D8%A7%D8%B1%DA%8A-%DB%BD-%D8%AA/