Tuesday , April 1 2025
Breaking News

شڪارپور مان 5 سال اڳ اغوا ٿيل نئونديرو واسڻ ناري بازياب نه ٿي،وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(رپورٽر سنڌ سماءَ چار) شڪارپور جي گلشن حيدر مان 5 سال اڳ اغوا ڪيل نوجوان ناري کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، وارثن نئون ديرو ۾ نياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پوليس نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. نئين ديري جي ڳوٺ مور خان چانڊيو  واسين گلبهار چانڊيو، اقراءَ چانڊيو سان گڏ 5 سال اڳ اغوا ڪيل نياڻي شبروز چانڊيو جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته 2012 دوران شڪارپور جي گلشن حيدر پاڙي مان بدنام ڌاڙيلن ساجد چانڊيو ۽ سرو چانڊيو پنهنجي ساٿين سان گڏجي اسان جي گهر تي چڙهائي ڪئي. هنن چيو ته ڌاڙيلن سمورن گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻائي اسان جي ڌيءُ شبروز کي اغوا ڪري ويا هئا.

هنن چيو ته گهر تي حملي ۽ نياڻي جي اغوا جو ڪيس شڪارپور جي لکيدر ٿاڻي داخل ڪرايو هو، پر پوليس 5 سال گذرڻ باوجود معاملي جي جاچ ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪئي آهي. هنن چيو ته پنج سالن کان شڪارپور پوليس وٽ پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر پوليس نه ته ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو ۽ نه ئي انهن جي ڪن تي جونءَ چري آهي. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه کي اپيل ڪئي آهي نياڻي کي  بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري کيس سزا ڏني وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *